Thatta News
Thatta News
February 2, 2025 at 04:29 AM
ٺٽو: ٺٽي ۾ لاقانونيت ۽ بدامني انتها تي پهچي وئي 24 ڪلاڪن اندر ڦورن پاران ٺٽي جي مين قومي شاهراھ لڳ ڦر ۽ ڌاڙي جون 3 وارداتون ڪيون آهن ، سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هٿياربندن کي کلي عام هٿيار ڏيکاري ڦر ڪندي ظاهر ٿيڻ باوجود پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو ،ٺٽي لڳ سجاول روڊ تي ليبر ڪالوني ويجهو چپل جي دڪان تان هٿياربند 75هزار روپيه روڪ 2 موبائيل فون ۽ هڪ ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا ،چپل جي دڪان تان ٿيل ڦر واردات جي سي سي ٽي وي نيشنل پريس ڪلب ٺٽو جي ٽيم کي هٿ اچي ويا ،هٿياربندن ان کان اڳ شاهجهان جامع مسجد لڳ مين قومي شاهراه ڀرسان غلام بهراڻي جي جنرل اسٽور دڪان جا تالا ٽوڙي لکين روپيه روڪ ۽ قيمتي سامان کڻي ويا، ٻن نوجوان انيل ڪمار ۽ وقار سولنگي کان سي ڊي موٽر سائيڪل ڦورو ڦر ڪري ويا ،ٺٽي ۾ ڦورون صحافين کان پوءِ پوليس کي بہ بخش نہ ڪيو،گهارو لڳ فلٽر روڊ تي پوليس اهلڪار عالم جوکيو کان نئين ون ٽو فائيو (125) ۽ سرڪاري رائيفل ڦُورو ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ٺٽي ۾ پوليس ئي محفوظ ناھي تہ عوام کي ڪير تحفظ فراھم ڪندو؟؟ ٺٽي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ واڌ باوجود پوليس ڪنھن به ڏوھ جي واردات ۾ نه ڪنھن جوابدار کي گرفتار ڪري سگهي ۽ نه ئي ڪو ڪيس
😢 👍 7

Comments