🇵🇰 Sindh Jobs Updates
February 25, 2025 at 03:12 PM
سنڌ ۽ يوڪرين - جيڪي نصيب نياڻين جا
واه ڙي يوڪرين تنهنجا ب نصيب سنڌ جهڙا پيا ٿين
يوڪرين جنگ جي پڄاڻي لاء عالمي قوتن جي وچ ۾ سفارتڪاري ۾ تيزي اچي وئي آهي. ان ڏس ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جنگ ختم ڪرڻ بابت امريڪي قرارداد جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي آهي. جنهن ۾ امريڪا، روس ۽ اتر ڪوريا هڪ پاسي هيا، ت وري يوڪرين ۽ يورپي ملڪ ٻي پاسي هيا. جڏهن ت سعودي عرب جي ميزباني ۾ روس ۽ امريڪا جي سفارتڪارن رياض ۾ گڏجاڻيون پڻ ڪيون آهن. ٻنهي ملڪن جي ڪنهن ٽين ملڪ ۾ ٻي گڏجاڻي کانپوء ٽرمپ ۽ پيوٽن جي سربراهي گڏجاڻي ب ڪوٺائي ويندي. جنهن جون تياريون پڻ ساڳي وقت هلن پيون.
ٽرمپ ۽ پيوٽن فون تي ڏيڍ ڪلاڪ کان مٿي ڪچهري پڻ ڪئي آهي. جڏهن ت ٽرمپ پنهنجي اوول آفيس جي دربار ۾ ڪيئي عالمي سربراهن سان ملڻ جو سلسلو جاري رکيو پيو اچي. جتي هفتي کن ۾ يوڪرين جي صدر زيلنسڪي جي پيشي ب ٿيڻ واري آهي. زيلنسڪي کي ٽرمپ سرعام داٻا ساٻا ڏئي اڳواٽ ئي اهڙو هيسائي ڇڏيو آهي، جو هو هاڻي استعيفا ڏيڻ جا بيان پيو جاري ڪري. پيرس، فرانس ۽ ڪيف، يوڪرين ۾ يورپي ملڪن جا سربراه پاڻ ۾ مليا آهن.
هن جنگ ۾ امريڪا 350 ارب ڊالرن جي امداد/قرض يوڪرين کي ڏئي چڪو آهي. جنهن جي عيوض ۾ امريڪا يوڪرين جي معدني وسيلن جي آمدني مان %50 امريڪا کڻندو رهندو، جيستائين امريڪا جو سمورو قرض لهي نٿو وڃي. ان ڏس ۾ 500 ارب ڊالرن جو معاهدو هفتي کن ۾ امريڪا ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ٿيڻ وارو آهي. جنهن کان پوء امريڪا يوڪرين جي معدني وسيلن جو اڻ ڄاتل مدي تائين %50 جو مالڪ بڻجي ويندو. اهو بالڪل ائين آهي جيئن پاڪستان ۾ تيل ۽ گيس جي آمدني جو %50 آمدني وفاق کڻندو آهي ۽ %50 آمدني ان صوبي کي ملندي آهي جنهن مان تيل ۽ گيس جي پيداوار ٿئي ٿي. ڪاغذن ۾ ت مالڪي وفاق ۽ صوبن وچ ۾ اڌو اڌ آهي، پر تيل ۽ گيس جي انتظامڪاري، ملازمتن ۽ معاهدن جا سمورا معاملا وفاق پنهنجي مڪمل ڪنٽرول ۾ رکيا آهن. ان حد تائين جو سنڌ ۽ بلوچستان مان تيل ۽ گيس جي پيداوار جا انگ اکر ب صوبن کي فراهم ناهن ڪيا ويندا. اهو ائين آهي جيئن وڏيرا هارين کي خرچن ۽ آمدني جي حساب ڪتاب جا تفصيل ناهن ڏيندا.
يوڪرين مٿان، امريڪا پاران مڙهجندڙ 500 ارب ڊالرن جي معاهدي ۾ ڪيئي خدشا سامهون ڪر کنيو بيٺا آهن. جن ۾ مک يوڪرين جا اقتصادي مفاد، ملڪ جي علائقائي سلامتي جي گارنٽي ۽ قومي خودمختياري جا اهم سوال شامل آهن. زور اڳيان زاري آهي. روس ٽي سال اڳ يوڪرين تي جنگ مڙهي ڪري %20 علائقن تي قبضو ڪيو آهي، جنگ جي انساني، اقتصادي، بنيادي ڍانچي جي تباهڪارين جو ڪو انت ڪونهي. ٻي پاسي ٽرمپ چوي ٿو ت يوڪرين جنگ جي شروعات ڪئي، يوڪرين جو صدر زيلنسڪي هڪ ناڪام مسخري اداڪار سان گڏوگڏ ڪرپٽ ۽ هڪ ڊڪٽيٽر آهي. امريڪا کي پنهنجي صنعتي ضرورتن جي پورائي لاء خام مال طور يوڪرين جا معدني وسيلا کپن ت جيئن امريڪا ان ڏس ۾ چين ۽ روس جي معدني وسيلن جو محتاج ن هجي. ٻيو ت يوڪرين جون زمينون زرخيز آهن ت انهن تي پڻ ٽرمپ جي اک کتل آهي ت هوند اهي ب امريڪا جي حوالي ڪجن. اهو ب ائين آهي جيئن سنڌ جون لکها ايڪڙ زمينون فوج پئي قبضا ڪندي رهي.
جنگيون ب ڪن جا ڪاروبار آهن. امريڪا چوي ٿو ت هنن 350 ارب ڊالر يوڪرين جنگ ۾ لڳايا آهن. جڏهن ت يورپ وارا ڀوتار چون ٿا ت انهن يوڪرين جنگ ۾ ڪل خرچن جو %60 ڏنو آهي. انهن رقمن جا ب انهن ملڪن يوڪرين کي هٿيار کپائي ڏنا آهن. انهن هٿيارن جا اگھ ب انهن پاڻ مقرر ڪيا آهن. پاڪستان ب جيڪي گولا بارود يوڪرين کي ڏنا انهن جا اگھ پاڪستان پاڻ وڌائي مقرر ڪيا ۽ ان جي عيوض جيڪا ڪڻڪ ورتي ان جو اگھ گهٽائي پاڻ مقرر ڪيائون. هاڻي روس ۽ يوڪرين وارا چون ٿا ت جن ملڪن يوڪرين جنگ ۾ ڪنهن ب قسم جي سيڙپڪاري ڪئي ڇا اها ان لاء هئي ت اچي يوڪرين جي مختلف علائقن جي معدنيات تي اچي قابض ٿين. انهن علائقن تي روس جي ب تاريخي جائز دعوئ آهي. جنگ جيڪو ب شروع ڪندو آهي، جنگ شروع ٿيندي شرط ئي ان جي ڪنٽرول مان نڪري ويندي آهي. پوء جنگ جا پنهنجا ڊائنامڪس هوندا آهن جنهن تي هلندي جنگين جو انت انت ٿيندو آهي. جنگيون ملڪن ۽ قومن کي بي انت تباهين جي کاهين ۾ ڍڪي ڇڏينديون آهن. جنگين جي تباه ڪارين مٿان موقعي جي ڳولها ۾ ويٺل قوتون ڳجهين جيان لامارا ڏيندا رهن آهن. جڏهن جهيڙيبدڙ ڌريون ساڻيون ٿي پونديون آهن ته اچي اهي جنگن جا فصل لڻندا آهن. يوڪرين ۾ ب اهو ٿئي پيو. سنڌ جي قبائلي تڪرارن ۾ ب ڌرين کي ڀوتار ويڙهائي ويڙهائي ساڻو ڪري پوء اچي جرگا ڪوٺائي ڏنڊ ڏوه، سڱ چٽيون، لڏپلاڻون ۽ ملڪيتن کي تين وال ڪرائيندا آهن. تڪرار برادرين ۾ هجن يا ملڪن جي وچ ۾ هجن نصاب ۽ محرڪ ٻنهي جا ملندڙ جلندڙ هوندا آهن. رڳو پيمانا ننڊڙن کان تمام وڏا وڏا هوندا آهن. لطيف سرڪار چواڻي: مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي.
يوڪرين وٽ ڪيئي معدني وسيلا آهن جن ۾ لٿيم، ٽاٽينيم، يورينم، ريئر ارٿ ايليمينٽ، ڪوئلو وغيره شامل آهن. جن جي ڪل ماليت جو ڪاٿو 26 ٽرلين ڊالر لڳايو پيو وڃي. اهي معدني وسيلا جديد صنعتي، ٽيڪنالاجي ۽ جنگي ساز سامان ٺاهڻ لاء استعمال هيٺ اچن ٿا. يوڪرين انهن وسيلن سان ڀرپور طور تي مالامال آهي. جنهن جو هاڻي امريڪي ڪمپنيون اچي استحصال ڪنديون. يوڪرين مان نڪرندڙ معدنيات جا اگھ ب عالمي منڊي وارا ن پر اهڙا رکيا ويندا جو ن امريڪا جو جنگ ۾ ڏنل هٿيارن جو قرض ب ن لهندو ۽ ن ئي وري امريڪا جو انهن قدرتي معدني وسيلن تان قبضو ختم ٿيندو. امريڪي ٽرمپ جو ڏل نعرو پيا هڻندا: “ Drill baby, drill”. جيئن سنڌ ۾ ٿر، لاکڙا ۽ سونڊا جي کاڻين مان سنڌ جو ڪوئلو مفت ۾ کنيو پيو وڃي. سنڌ جي ان ڪوئلي جي کوٽائي تي سراسري 25 ڊالر في ٽن خرچ اچي ٿو، ان تي 2 ڊالر جو مارجن/نفعو رکي 27 ڊالرن ۾ خريد ڪيو ٿو وڃي. جڏهن ت ساڳي ڪوئلي جو عالمي منڊي ۾ اگھ 250 ڊالر في ٽن آهي. پاڪستان ۾ جيڪو ڪوئلو امپورٽ ٿئي ٿو اهو 250 ڊالر في ٽن تي ٿئي ٿو. پر سنڌ جي ڪوئلي جو اگھ 27 ڊالر مقرر ڪري جهڙوڪ مفت ۾ حاصل ڪيو وڃي ٿو. ڇو جو رڳو ان جي کوٽائي تي 25 ڊالر خرچ اچي ٿو.
زرعي جنسن جي پيداوار ۾ پڻ ڪڻڪ، مڪئي ۽ کاڄرو تيلن سوڌو، دنيا جي ڪل پيداوار جو %46 يوڪرين پيدا ڪري ٿي. يوڪرين جنگ هلندي پاڪستان وڏي پيماني تي يوڪرين کي گولا بارود سپلائي ڪيا، ۽ عيوض ۾ سستي ڪڻڪ گذريل سال پنهنجي فصل لهڻ وقت گهرائي. جنهن ۾ نگران وفاقي حڪومت 85 ارب روپين جي ڪرپشن ڪئي. يوڪرين مان بنا ضرورت جي ڪڻڪ گهرائڻ جي ڪري ملڪ ۾ ڪڻڪ جا اگھ ڪري پيا، جنهن جي ڪري ڏيهي آبادگارن کي کربها روپين جو نقصان ٿيو. گذريل سال رڳو سنڌ صوبي ڪڻڪ جي سرڪاري خريداري ۾ وڏي پيماني تي ڪرپشن ڪري سنڌ جي سرڪاري خزاني کي وڏو کاٽ هنيو ويو. جڏهن ت گذريل سال کان باقي ٽن صوبن ڪڻڪ جي سرڪاري خريداري بند ڪري ڇڏي آهي. ساڳي ريت وفاقي ادارن پاسڪو ۽ ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان پڻ ڪڻڪ جي خريداري ۽ امپورٽ ۾ وڏا گهپلا هنيا. هاڻي چون ٿا ت پاسڪو کي ختم ٿا ڪن.
يوڪرين ۽ روس جي جنگ هلندي ب ٻنهي ملڪن پنهنجي زرعي جنسن جي ايڪسپورٽ کي جاري رکڻ جا خاص بندوبست يقيني بڻائي رکيا. اسان جي پياري پاڪستان ۾ زرعي پيداوار جي چرپر تي ضلعيوار، صوبي وار توڙي ملڪ کان ايڪسپورٽ تي مافيائي پابنديون مڙهڻ جو سلسلو مسلسل جاري آهي. دنيا جا سڀ ملڪ پنهنجي ملڪ جي هر قسم جي پيداوار جي ايڪسپورٽ ڪرڻ لاء وڏا جتن ڪندا رهندا آهن. ان ڏس ۾ ٽيڪسن جون ڇوٽ، سبسڊيون ۽ ٻيون ڪيئي رعايتون ڏيندا آهن. پر پياري پاڪستان ۾ اهو سڀ ڪجھ امپورٽ بل وڌائڻ لاء ڪيو ويندو آهي، جنهن جي ڪري ڪرپٽ مافيائن جا بڀ ڀربا رهندا آهن ۽ ملڪي معيشت ۽ عوام ڪنگال ٿيندو رهي ٿو.
سنڌ بنا ڪنهن جنگ جي 78 سالن کان مفتوح ٿيل آهي، يوڪرين مٿان جنگ مسلط ڪري 3ن سالن ۾ ان جي چيلھ چٻي ڪئي وئي آهي. جيڪي نصيب نياڻين جا.
AGM
24 February 2025
😢
❤️
👍
14