
Pakistan Government Jobs Information
February 20, 2025 at 04:18 AM
الله پاڪ جي حضور هن دعا سان
صبح جو سلام. .........
اي منهنجا مٺا رب!
اي صبح جا مالڪ، اي جهانن جا پالڻهار.
مون تي، منھنجي، اولاد تي، منهنجي عزيزن قريبن تي،
دوستن احبابن تي، ڪل جهان تي ٻاجھ رحم فرماء. اسان خطاڪار ۽ عاجز ٻانها آهيون. تنهنجي نالي ۽ در کان سواء
ڪو واهر وسيلو نه آهي. تون پنهنجي حبيب حضرت محمد مصطفي ا ﷺ جي صدقي اسان تي رحم ڪر، ڀلايون
عطا فرماء، دشمن ۽ شيطان جي شر کان پناه ۾ رک. اسان
جي رزق ۽ روزي ۾ برڪتون عطا فرماء، بيمارن کي
شفا عطا فرماء، مخلوق جي محتاجي کان پناه ۾ رک.
قرضن ۽ مرضن کان ڇوٽڪارو عطا فرماء. اسان کي
سڌي رستي تي هلاء جيڪو توکي ۽ تنهنجي
رسولﷺ کي پسند آهي.
آمين يا رب العالمين .........
❤️
👍
♥️
💛
34