
Karachi Water & Sewerage Corporation (KW&SC)
February 12, 2025 at 11:27 AM
12 فيبروري 2025 / ميڊيا سيل / ايم ڊي / سي اي او / ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن
پريس ريليز:-
ڪراچي( )ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آھي تہ شب برات 15 شعبان المعظم جي مقدس رات هزار راتين مان ھڪڙي افضل ترين رات آهي تنهنڪري مسلمان هن ڀلاري رات ۾ الله تعاليٰ جي رضا حاصل ڪرڻ جي لاءِ عبادت ڪندا آهن ھن واٽر ڪارپوريشن جي اختيارين کي هدايتون ڏيندي چيو تہ شب برات جي موقعي تي سڄي شھر پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا بهتر انتظام ڪيا وڃن تہ جيئن ھن ڀلاري رات ۾ زائرين ۽ عبادت گذارن کي ڪنهن بہ قسم جي ڏکيائي جو منهن ڏسڻو نہ پوي ڇاڪاڻ تہ شب برات جي رات شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ ڪنهن بہ عبادت کان گهٽ ناهي جڏھن تہ شب برات جي انتظامن ۾ ڪنهن بہ قسم جي غفلت برداشت نہ ڪئي ويندي ٻئي طرف ميئر ڪراچي جي هدايتن تي ايم ڊي واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسد الله خان شب برات 15 شعبان المعظم جي مقدس رات پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي انتظامن بابت ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون ان ڏس ۾ ايس او ٽو ايم ڊي واٽر ڪارپوريشن سردار شاھ خط جاري ڪندي لاڳاپيل اختيارين کي چيو تہ شب برات کان اڳ شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا وڃن ۽ قبرستانن مزارن عبادتگاهن ۽ مسجدن جي آسپاس پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي بابت سموريون شڪايتون مڪمل طور تي ختم ڪيون وڃن ۽ سمورن ضلعن جي سپرنٽينڊنگ انجنيئرن کي ھدايت ڪئي وئي آھي تہ اھي چونڊيل عوامي نمائندن ضلعي انتظاميا سماجي ۽ مذھبي تنظيمن سميت علماء ڪرام سان مڪمل رابطي ۾ رهن ان کان علاوه هائيڊرنٽس سيل انچارج کي هدايت ڪئي وئي آهي تہ شب برات جي موقعي تي قبرستانن جي داخلي ۽ خارجي رستن تي زائرين کي پاڻي فراهم ڪرڻ جي لاء واٽر ٽينڪرز بيھارا وڃن تہ جيئن قبرستانن جي ويجهو سماجي ۽ مذهبي تنظيمن پاران لڳايل پاڻي جي سبيلن کي مفت پاڻي فراهم ڪري سگھجي جڏھن تہ فوڪل پرسن برائي هائيڊرنٽس سيل شھباز بشير قبرستانن ۽ مسجدن ۾ پاڻي جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ واٽر ٽينڪرن جي انتظامن جي نگراني ڪندو.
جاري ڪندڙ:- عبدالقادر شيخ
پبلڪ ريليشنز آفيسر (پي-آر-او)
ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن
❤️
👍
2