
Karachi Water & Sewerage Corporation (KW&SC)
February 16, 2025 at 03:05 PM
16 فيبروري 2025 / ميڊيا سيل / ايم ڊي / سي اي او / ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن
پريس ريليز:-
ڪراچي( )ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جي خاص هدايتن تي واٽر ڪارپوريشن پنهنجي ملازمن جي ڀلائي ۽ بھتري لاءِ هڪ ٻيو اهم قدم کڻندي ھلندڙ مهيني ھيستائين 28 ڪروڙ روپين جون ادائيگيون ڪري ڇڏيون ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب اهي ادائيگيون واٽر ڪارپوريشن جي تاريخ ۾ ڪنھن بہ هڪ مھيني ۾ سڀ کان وڌيڪ ادائيگيون ڪيون ويون آهن ان حوالي سان ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر فنانس واٽر ڪارپوريشن سيد افتخار علي شاھ وڌيڪ تفصيل ٻڌائيندي چيو تہ ميئر ڪراچي جي هدايتن تي عملدرآمد ڪندي ھلندڙ مهيني ھيستائين ملازمن کي فيفو فرسٽ ان فرست آئوٽ جي تحت ۽ ايمپلائيز جي مد ۾ 28 ڪروڙ روپين جون ادائگيون ڪيون ويون آهن جنھن ۾ پينشن ۽ گريجوئيٽي سي پي فنڊ ايل پي آر هائوس بلڊنگ ميريج لون ۽ فوت ٿيل ملازمن جي وارثن کي مالي مدد سميت ميڊيڪل پرميشن ڪيس سپليمنٽري بلز ميڊيڪل اسپتال / انسٽيٽيوٽ شامل آهن هن چيو ميئر ڪراچي واضح هدايت ڪئي آھي تہ بيواھن کي ترجيحي بنيادن تي ادائيگيون ڪيون وڃن جنهن تي مڪمل عملدرآمد ڪيو پيو وڃي ۽ واٽر ڪارپوريشن جي حاضر سروس ۽ ريٽائرڊ ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحات ۾ شامل آهي ۽ ان سلسلي ۾ مختلف وقتن تي ملازمن جي ڀلائي ۽ بھتري جي لاءِ مؤثر قدم کنيا ويا آھن تہ جيئن ملازمن کي بقايائون جلد ادا ڪري سگھجن ٻئي طرف ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ۽ ايم ڊي واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسد الله خان پاران ملازمن جي لاءِ شاندار خدمتون سرانجام ڏيڻ تي ڊي ايم ڊي فنانس سيد افتخار علي شاھ کي خراج تحسين پيش ڪيو.
جاري ڪندڙ:- عبدالقادر شيخ
پبلڪ ريليشنز آفيسر (پي-آر-او)
ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن
👍
3