
Jeay Sindh Muttahida Mahaz (Chairman)
February 1, 2025 at 09:56 PM
جسمم پاران قومي غلاميء، ڌرياهه تي ڌاڙي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف سياسي مزاحمت جو اعلان، ۲۵ فيبروريء تي مورو شهر ۾ پنجاب جي سموري رسد کي مڪمل بند ڪري سياسي مزاحمت جي شروعات ڪئي ويندي. شفيع برفت
جسمم جي مرڪزي باڊيء جو اجلاس چيئرمين شفيع برفت جي صدارت هيٺ ٿي ًزريو اجلاس ۾ اهم فيصلو ڪيو ويو ته پنجاب سامراج جي هر سنڌ دشمن سازش خلاف رد جي ديوار بنجي بيهندا سين، دنيا جي ڪابه طاقت سنڌ کي غلام رکي نٿي سگهي، پنجابي پنهنجي فوج ۽ ايٽمي هٿيارن جي زور تي سنڌ کي مستقل غلام نٿو ڪري سگهي، تاريخ جي هر ويڙهه ۽ شهيدن جي وهايل رت ۽ قربانين کي سنڌوديش جي آزاديء جي صورت ۾ مان ڏيندي سوڀارو ڪندا سين.
قومي غلاميء خلاف سياسي مزاحمت سنڌ جي قومي بقا ۽ وطن جي آزاديء جي واحد ضمانت آهي، قومي آزاديء جي فيصلا ڪن ويڙهه لاء ضروري آهي ته سنڌي سماج پر عزم سياسي جدوجهد ۾ بي خوف ٿي ڪردار ادا ڪري، سنڌو درياهه جي پاڻيء تي پنجاب پاران ناجائز ڪيئنالن ذريعي سنڌ جي پاڻيء مٿان ڌاڙو هڻڻ سنڌ جي تاريخي قومي وجود کي مسمار ڪرڻ جي سازش آهي، قومي غلاميء سبب پنجاب سامراج پاران سنڌ کي نڌڻڪو ڪري سنڌ جي وسيلن جو بي درديء سان استحصال ڪيو پيو وڃي، سنڌ جي زمينن تي فوجي والار سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ وارين سازشن کان وٺي سنڌ جي معدني وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ ڪرڻ ۽ درياهه جي پاڻيء تي ڏاڍ ذريعي قبضو ڪرڻ واريون سازشون قومي غلاميء جو سبب ۽ نتيجو آهن، جنهن ۾ سنڌ جو ڀوتارڪو طبقو پيپلز پارٽيء جي شڪل ۾ پنجاب جي دلالي ڪندي سنڌ سان غداري ڪري رهيو آهي قومي تحريڪ پاران پنجاب سامراج سان گڏ سنڌ جي انهن سمورن غدارن کي جيڪي سنڌ ۽ قومي اسيمبلين ۾ ويهي سنڌ جي قومي سياسي معاشي مفادن جو سودو ڪرڻ سان گڏ سنڌ کي پنجاب پاران غلام ڪرڻ تي سهولتڪاري ڪري رهيا آهن ( جيڪي به موجوده وقت ۾ اسيمبلين جا ميمبر آهن) انهن غدار ڀوتارن کي پڻسيکت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سنڌي قوم اڳيان جسمم پاران تاريخي ۽ پر عزم اعلان ٿو ڪيو وڃي ته اسان جي جدوجهد سنڌودرياهه جي پاڻيء تي پنجاب سامراج پاران ۶ ناجائز ڪيئنالن جي کوٽائيء کي روڪڻ واري مطالبي کان به وڌيڪ سنڌو درياهه جي پاڻيء واري ۱۹۴۵ع واري سنڌ پنجاب معاهدي موجب سنڌودرياهه جي پاڻيء جي ۷۵ سيڪڙو سنڌ جي حق کي تسليم ڪرائڻ ۽ عالمي گيرينٽيء ڏيڻ تائين جاري رهڻ سان گڏ قومي غلامي خلاف وسيع سياسي مزاحمت ۽ قومي جدوجهد کي مسلسل ڪرڻ طرف تاريخي قدم آهي جنهن لاء سنڌ جي سمورن سياسي ڪارڪنن باشعور سنڌين سنڌ جي هارين پورهيتن وڪيلن صحافين شاگردن کي سنڌ جي قومي وجود معاشي مفادن درياهه جي وارثيء لاء شروع ڪيل پر عزم سياسي مزاحمت ۾ ساٿ ڏيڻ لاء رابطن جو فيصلو پڻ ڪيو ويو ان سلسلي ۾ سموري سنڌ ۾ پارٽي پاران ڊويزنن ۽ ضلعن ۾ « اچو ته گڏجي سنڌ بچايون پنهنجو وطن ۽ وجود بچايون» واري بينر هيٺ عوامي رابطه مهم هلائي سنڌ جي بقا سلامتيء درياهه وسيلن زمينن ۽ قومي غلاميء خلاف بي خوف پر عزم سياسي مزاحمت جو سلسلو شروع ۲۵ فيبروريء کان ڪيو ويندو، اسان رياست ايجنسين فوج ۽ رينجز کي خبردار ڪندي واضع ٿا ڪريون ته ڌرتيء جي فرزندن باشعور سنڌين ۽ قومي ڪارڪنن پاران شروع ڪيل ان پرعزم سياسي جدوجهد ۾ جيڪڏنهن رياست رڪاوٽون وجهڻ جي ڪابه سازش ۽ گڙٻڙ ڪئي ته پوء جسمم پاران هڙتالن ذريعي سنڌ جي روڊن تي پنجاب ويندڙ سموري رسد ۽ ٽريفڪ کي ويران ڪيو ويندو، جسمم پاران سنڌي قوم ۽ سنڌ جي باشعور ماڻهن نوجوانن وڪيلن هارين پورهيتن کي آگاهه ٿو ڪيو وڃي ته جسمم سمجهي ٿي ته سنڌ جي قومي مسئلن تي سياسي مزاحمت کي مضبوط ۽ پرعزم بڻائڻ لاءِ ضروري آهي ته باشعور سنڌين، شاگردن، وڪيلن، هارين، مزدورن، دانشورن ۽ سمورن شعبي جي ماڻهن کي گڏيل ۽ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪي اختلاف، غلط فهميون، ناراضگيون يا رنجشون هجن ته به انهن کي نظرانداز ڪندي سموري قوم ۽ قومپرست پارٽين کي جسمم جي سگهاري سياسي مزاحمتي تحريڪ جو حصو ٿيڻ گهرجي، جسمم پاران سموري قوم کي وطن جي بقا سلامتيء درياه جي مالڪي زمينن جي وارثيء لاء گڏيل سگهارو سياسي ڪردار ادا ڪرڻ لاء گهر گهر هر شهر ۽ ڳوٺڳوٺ رابطن جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ جي سمورين سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان رابطن لاء جسمم جي سينيئر وائيس چيئرمين لالا اسلم پٺاڻ تي ذميواري رکي ويئي آهي جڏنهن ته سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سنڌين سان رابطن لاء جسمم وائيس چيئرمين سجاد شر ۽ جنرل سيڪريٽري شاهنواز ڀٽو مٿان ذميواري رکي ويئي. سنڌ جي دانشورن اديبن سان رابطن لاء قومي دانشور هجت عباسي حسين سنڌيء مٿان ذميواري رکي ٿي وڃي، اجلاس ۾ مختلف تنظيمي ۽ انتظامي فيصلا پڻ ڪيا ويا جن جي پڌرائي سوشل ميڊيا ۽ ڊويزنل ضلعي اڳواڻن لاء ڪئي ويندي.
سلطان جتوئي
ميڊيا ترجمان جسمم
❤️
✊
✌️
😂
🙏
22