
Jeay Sindh Muttahida Mahaz (Chairman)
February 6, 2025 at 01:40 PM
اچو ته گڏجي سنڌ بچايون، پنهنجو وطن ۽ وجود بچايون.
سنڌيو!
سنڌ جي وجود کي پنجاب پاران غلام بنائڻ سبب سنگين خطرو لاحق ٿي چڪو آهي، سنڌ جودرياهه، قدرتي معدني وسيلا، زمينون، تاريخ، زبان، ڪلچر ۽ ڊيموگرافيء کي پنجاب پاران منظم سازشن تحت مسمار ڪندي ختم ڪيو پيو وڃي، ان ڪري جسمم پاران سنڌ جي قومي بقا، آزاديء، زمينن جي مالڪيء درياهه جي وارثيء لاء پر عزم سياسي مزاحمت جي شروعات ڪئي پئي وڃي ۽ ۲۵ فيبروريء تي مورو شهر ۾ مورو باء پاس وٽ پر عزم ڌرڻو هڻندي پنجاب ويندڙ سموري رسد بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جيئن عالمي برادريء ۽ اقوام متحده اڳيان سنڌودرياهه جي پاڻيء تي ۱۹۴۵ع واري سنڌ پنجاب ٺاهه، رضامنديء ۽ ايگريمينٽ ذريعي سنڌوء جي پاڻيء تي سنڌ جي ۷۵ سيڪڙو تسليم ڪيل حق ۽ پنجاب جي باقي درياهن جي پاڻيء تي سنڌ جي ۲۵ سيڪڙو حَ تسليم ڪيل حق ڏانهن دنيا جو ڌيان ڇڪائيندي سنڌ جي ان مسئلي کي عالمي ادارن اڳيان رکيو وڃيجڏنهن ته پنجاب پنهنجا سمورا درياهه انڊيا کي وڪرو ڪري ڏنا ۽ هاڻ سنڌودرياهه جي پاڻيء تي ڏاڍ ۽ بدماشيء ذريعي مڪمل قبضو ڪري رهيو آهي، جنهن سان سنڌ جو قومي وجود وطني تشخص، تاريخ ۽ سڃاڻپ کي مڪمل خطرو لاحق ٿي رهيو آهي، سنڌ پنهنجي درياه کان سواء مڪمل ريگستان، بيابان ۽ سنسان ٿي ويندي، سنڌ جون لکين ايڪڙ سرسبز زمينون سڪي تباه ٿي وينديون، سنڌ جي زرعي معيشت جي برباد ٿيڻ سبب سنڌي سماج بک بدحاليء سبب پنهنجي اهميت حيثيت ختم ڪري پنهنجا اخلاقي قدر وڃآئي ويهندو ۽ چوريون نشو بداخلاقي بدڪاري سماج ۾ زهر وانگر داخل ٿي ان کي ختم ڪري ڇڏيندي، ان ڪري اسان چاهيون ٿا ته عالمي برادريء ۽ اقوام متحده جي اڳيان سنڌي قوم پنهنجي سياسي مزاحمت ڪاوڙ ڪروڌ ذريعي پنجاب جي سموري رسد مڪمل بند ڪندي پنجاب کي عالمي برادريء اڳيان اگهاڙو وائکو ڪندي مجبور ڪيو وڃي ته اهو سنڌ جي حصي واري ۷۵ سيڪڙو پاڻيء واري ان تاريخي معاهدي تي عمل ڪرڻ واري حقيقت کي تسليم ڪندي عالمي برادريء اڳيان ضمانت ڏئي ٻي صورت ۾ سموري باشعور سنڌي قو ۽ قومي تحريڪ پر عزم سياسي مزاحمت جي هن سلسلي کي سنڌ جي روڊن رستن سان گڏ ننڍن وڏن شهرن ۾ مسلسل جاري رکندي، هيء صرف درياه، وسيلن ۽ زمينن جي سلامتيء ۽ مالڪيء جي ويڙهه ناهي پر سنڌ وطن جي بقا ۽ وجود جي آخري ويڙهه آهي جيڪا سنڌ وطن جي سياسي معاشي تاريخي مفادن ۽ آزاديء تائين جاري رهندي. اسان سموري سنڌ کي سنڌو درياهه، زمينن، وسيلن، ڊيموگرافيء جي تحفظ منظم ٿيڻ جو سڏ ٿا ڏيون اسان سنڌ جي تاريخ، ٻولي ۽ ڪلچر جي سلامتيء لاء سنڌي قوم جي گڏيل جدوجهد جو سڏ ڏيون ٿا اسان سنڌ جي سياسي معاشي مفادن جي حفاظت ۽ آزاديء لاء سموري سنڌي قوم کي جسمم جي پر عزم سياسي مزاحمت جو حصو ٿيڻ لاء کليل دعوت ڏيو ٿا، ان سان گڏ اسان سنڌ کان ٻاهر سمورن باشعور سنڌين کي جيڪي مڊل ايسٽ، يورپ، آمريڪا، ڪيناڊا سميت دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ رهن ٿا انهن سمورن سنڌي کي ۽ هندستان ۾ رهندڙ سنڌين کي سنڌ جي بقا سلامتيء ۽ آزاديء واري هن سياسي مزاحمت کي جاري رکڻ لاء مالي سهائتا ڪرڻ جي ڳالهه سندن اڳيان رکون ٿا، اسان سموري سنڌ ۽ ٻاهر رهندڙ سنڌين کي چئون ٿا ته سنڌ جي قومي بقا، درياهه، زمينين، وسيلن جي تحفظ ۽ وجود جي سلامتيء ۽ آزاديء جي هن پر عزم سياسي جدوجهد ۾ جسمم جو عملي ساٿ ڏيو ۽ جسمم سان مالي سهڪار ڪريو، جيئن سنڌ کي پنجاب سامراج جي قبضي، جبر ،استحصال کان بچائي ۽ آزاد ڪرائي سگهجي، سنڌيو پاڪستان جي جبري الحاق ۽ قبضي ۾ سنڌ جو وجود خطري ۾ آهي، سنڌ کي پنجاب پنهنجي ڪالوني بنائي سنڌ کي مال غنيمت سمجهي ڦريلٽي تباه ۽ برباد ڪري رهيو آهي، ان ڪري سنڌ جا هاري، پورهيت، وڪيل، استاد، شاگرد، دانشور، مرد، عورتون، نوجوان سڀئي اٿو سجاڳ ٿيو اچو تاريخ جي سڏ ۽ صدا کي ورنايون سنڌ جي مالڪي ۽ وارثيءکي پنهنجي پرعزم سياسي مزاحمت ذريعي ثابت ڪريون.
قومي آزادي منشور، سنڌوديش پيغام اسان جو، پاڪستان نه کپي.
شفيع برفت
چيئرمين
جيئي سنڌ متحده محاذ
❤️
✊
👍
✌️
17