
Jeay Sindh Muttahida Mahaz (Chairman)
February 19, 2025 at 04:10 PM
سنڌ کي ۱۹۴۵ع واري سنڌ پنجاب پاڻي ايگريمينٽ تحت تسليم ٿيل سنڌودرياهه جي ۷۵ سيڪڙو پاڻي ۽ پنجاب جي درياهن مان ۲۵ سيڪڙو پاڻي وارو حصو ۽ حق کي ڏيڻ لاء عالمي برادريء اڳيان سنڌ جو سياسي، معاشي، قومي ڪيس ۽ پنجاب سامراج پاران سنڌ تي ڪيل جبري بيٺڪي قبضي خلاف سنڌ جو تاريخي قومي موقف اقوام متحده ۽ عالمي ادارن اڳيان رکڻ لاء جسمم پاران ۲۵ فيبروريء تي مورو باءپاس وٽ پنجاب جي سموري رسد بند ڪرڻ ۽ پنجاب جي معاشي نڙيء تي ننهن ڏيڻ لاء پرعزم سياسي مزاحمت ڪندي ڌرڻو هنيو پيو وڃي، ان لاء جسمم جي سمورن مرڪزي عهديدارن، ڊويزنل اڳواڻن، ضلعي قيادتن ۽ تعلقن جي ذميوار پارٽي اڳواڻن کي هدايت ٿي ڪجي ته اهي پنهنجن ضلعن ۽ شهرن ۾ رهندڙ سمورين قومپرست، سنڌ دوست سياسي پارٽين جي اڳواڻن، اهم ذميوار سينيئر سياسي ڪارڪنن، وڪيلن، دانشورن، استادن، صحآفين، شاگرد اڳواڻن، سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ سمورن باشعور سنڌين ڀينرن ۽ ڀائرن کي پارٽي پاران مورو واري ڌرڻي ۾ شرڪت لاء سندن رهائشن تي وڃي کين باضابطه دعوتون ڏيڻ لاڻ تاڪيد ڪجي ٿي، ان کان سواء اسان سوشل ميڊيا تي هن پڌرائيء ذريعي پڻ سنڌ جي سمورين قوم پرست ۽ سنڌ دوست ڌرين، اڳواڻن، سينيئر قومي ڪارڪنن، وڪيل برادريء، پورهت، هاري اڳواڻن ۽ خاص ڪري مورو ۽ ان جي ڀرپاسي رهندڙ سمورين برادرين راڄن ۽ باشعور سنڌين کي کليل دعوت ٿا ڏيون، اچو ته گڏ سنڌ بچايون، پنهنجو وطن ۽ وجود بچايون، هر سنڌي پنهنجي فيملين سميت ڌرڻي ۾ شرڪت ڪري پنهنجو قومي فرض پورو ڪري ۽ باشعور سنڌي هجڻ جو ثبوت ڏئي.
شفيع برفت
چيئرمين
جيئي سنڌ متحده محاذ
❤️
👍
13