
💔اڌوري محبت💔
June 6, 2025 at 03:24 PM
مان ديوانو آهيان ھن جي ھر ھڪ چال جو
۽ ڪجھ پل جو وڇوڙو ٿو لڳي سال جو
آ خدا جو قسم اھي سڀ خوش قسمت آھن
جيڪي گڏجي سڄو ڏينهن ھن سان پيا ٿا پڙھن
گھٽ قسمت منھنجي به يار ناهي صفا
ھن کي ھر روز ڏسان پيو ڇا اھو گھٽ آ
ڪن جي ذھنن ۾ هوندو ڏسڻ ۾ ڇاهي رکيو
يار محبت ۾ ديدار ئي ته آهي رکيو
ٿو سوچان ڪڏهن وڃي کانئس پڇان
ايڏو بلآ جو ڪو سھڻو به ٿيندو آ ڇا
گر ٿيندو به آهي ته عمل ھي تون ڪر
پنھنجي سونھن جو صدقو سھڻا ڏيندو ڪر
بس خيالن جي دنيا جو مان بادشاهه آھيان
۽ خيالن ۾ ھن لاءِ پيو صلاحون ٺاهيان
گر حقيقت ۾ اھڙو جو ڪُجھ ٿي پوي
ٿي مجنون ھي راڄپر پيو نچندو وتي
شاعر نويد مڪئي راڄپر.
Mehtab samoon
❤️
8