
💔اڌوري محبت💔
June 9, 2025 at 02:37 PM
ڪامريڊياڻي جو قصو – قسط 01
هڪ ڏينهن يونيورسٽيءَ ۾ محفل پروگرام رکيو ويو، جنهن ۾ شفي فقير، نزاڪت فقير ۽ ٻيا ڪجھ صوفي فنڪار شريڪ هئا. انٽرٽينمينٽ لاءِ ڪجھ مزاحيه فنڪار به گهرايا ويا هئا.
منهنجي ڪجه دوستن کي به انهيءَ محفل جي دعوت هئي، تنهنڪري شام جو ساگر مون کي فون ڪري چيو:
"يار، اڄ شام جو يونيورسٽيءَ ۾ پروگرام رکيل آهي، هل ته گڏجي هلون."
مون پڇيو: "ڪهڙا فنڪار آهن؟"
چيائين: "صوفي راڳي آهن."
مون کلندي چيو: "نه يار، مان نه ايندس. جيڪڏهن منهنجو يار عمراڻي هجي ها ته پڪ سان هلان ها. تون ته ڄاڻين ٿو، صوفي فنڪارن سان منھنجي نٿي لڳي، ان ڪري مان نٿو اچان. توهان وڃو."
ساگر چيو: "ڪڏهن يونيورسٽيءَ جي پروگرامن ۾ ويو آهين؟"
مون چيو: "نه يار، ڪڏهن به نه، ۽ نه ئي ويندس."
ساگر چيو: "ڇڏ ضد کي، ضرور هلنداسين. مونکي خاص دعوت مليل آهي."
مون چيو: "اهو ته تمام سٺو، پر اها ته دعوت توکي آهي نه؟"
چيائين: "ها، پر مان ته توکي به گڏ وٺي هلڻ ٿو چاهيان."
مون چيو: "چلو سائين، تنهنجي دعوت اکين تي، پر يار ٿوري دير ويهي پوءِ نڪري اينداسين؟"
چيائين: "ها، جلدي اينداسين."
رات جو هوٽل تي ماني کاڌي سون، پوءِ نڪتاسين. پروگرام رات جو نائين وڳي کان پوءِ شروع ٿيڻ وارو هو. جڏهن نَو لڳڻ لڳا ته اسين به وڃي پهتاسين. ڏسون ته ماحول ڏاڍو بهترين، رش جام هئي. ڇوڪريون ڇوڪرا ايترا هئا جو سڃاڻڻ مشڪل هو ته ڪير يونيورسٽيءَ جا آهن، ڪير ٻاهر کان آيل آهن—بس رش ئي رش!
اسين گاڏي بيهاري ڪنڊ طرف ويٺاسين. ساگر موبائيل ڪڍي ڪنهن کي ميسج ڪيو. ٿوري دير بعد هڪ ڇوڪري ٻه پاڻيءَ جون بوتلون کڻي آئي، اسان سان ملي چيائين:
"اندر اچو نه!"
ساگر کيس سڃاڻي چيو: "هي منهنجو دوست نويد آهي، هي اندر نٿو اچي."
ته ڇوڪري ويجهو ٿي مون کان پڇيو:
"ڇو، اندر ڇو نٿا هلو؟"
مون وراڻيو: "ها، ضرور اينداسين. پروگرام شروع ته ٿئي."
چيائين: "ها، پروگرام شروع ٿئي ته ضرور اچجو."
مون چيو: "جي ها."
اها ڇوڪري هلي ويئي.
ساگر چيو: "ڏٺئي؟ ان جي خاص دعوت هئي. انڪار ڪيئن ڪري سگهيس ٿي ڀلا؟"
مون چيو: "هممم... انڪار ڪرڻ به نه کپي ھا، ڇو ته ماڻهون ئي اهڙو آهي."
خير، محفل شروع ٿي. پهرين شفي فقير صاحب اچي ٽراڄا ڪڍيا شيخ اياز جي شاعريءَ سان شروعات ڪئي:
"سکي پيا کي ملين ته چيئجان، چاندني تو سوا نه ٿيندي..."
محفل کي ڄڻ ته چار چنڊ لڳي ويا. سڀ ماڻهو جھومڻ لڳا. اسين به ٿورو اڳيان ٿي وياسين. ڇوڪريون ڇوڪرا فنڪارن مٿان پئسا اڇلائي رهيا هئا. مون ساگر کي چيو:
"هل ته پاڻ به حصو وٺون، ته ثبوت ته هجي جو اسين به آيا ھئاسين!"
اسين اسٽيج طرف وڌڻ لڳاسين ته اها ڇوڪري وري ڊوڙي آئي، چيائين:
"ڪاڏي ٿا وڃو؟"
اسان چيو: "گهور ڪرڻ."
چيائين: "ته پوءِ هلو ته ھلون، مان اوهان جي انتظار ۾ هيس."
اسين ٽئي گڏ وياسين. هاڻ هوءَ اسان جي مٿان پئسا گهوري رهي هئي، ۽ اسين هن جي مٿان! نه فقط اسين، پر سڀئي ائين ئي ڪري رهيا هئا—فنڪار بدران هڪ ٻئي تي گهور ڪري رهيا هئا، ڇوڪرا ڇوڪرين مٿان، ڇوڪريون ڇوڪرن مٿان.
اسان به اهو ئي ڪيو.
پئسا گهوري واپس ٿياسين ته مون ساگر کي چيو:
"هل يار، هاڻ پاڻ نڪري ھلون."
چيائين: "هڪ منٽ، مان ماروي کان پڇي اچان، پوءِ هلون ٿا."
مون چيو: "ماروي کي ٻاهر، مون ڏانهن وٺي اچجان."
مان ٻاهر نڪري آيس. ٻن منٽن کان پوءِ ساگر ۽ ماروي ٻاهر آيا. مون چيو:
"سوري، اوهان کي موڪلائڻ لاءِ تڪليف ڏني. هاڻ اجازت ڏيو، اسين هلون ٿا."
ماروي چيو: "پر ايترو جلدي ڇو يار؟"
مون چيو: "ٻئي پاسي ٿورو ڪم آهي، اُتي وڃڻو آهي، سو توهان محفل کي ڀلي انجواءِ ڪريو. ڪو مسئلو ناهي."
وري ٻي دفعو ملبو انشاء الله ..
(هلندڙ...)
Z Bajeer
❤️
👍
😂
🙏
22