
💔اڌوري محبت💔
June 10, 2025 at 11:17 AM
امر رائيسنگھ راجپوت
نظم
لڳي ٿو پير ۾ ڪنڊو
وڏو ڪو سُور ٿي سمجهين
نڪي تو نڪ ٽوپايو
ڏسين ٿي گُل سونيلي
چوين ٿي ڦُُلڙي پايان
هٺيلي ڪيئن سمجهايان؟
صبح جي هير ٿڌڙي ۾
ڏسين ٿي ماڪ جا قطرا
اڪن تي رات جي ڪِريا
لڳن ٿا سمنڊُ جا موتي
چوين ٿي هارڙو ٺاهيان
هٺيلي ڪيئن سمجهايان؟
َ صفا تون دادلي سانئڻ
ڀريو تو ڀرت ڀي ناهي
سبڻ جي سُرت ڀي ناهي
ڏسين ٿي مور جو کيڙو
چوين ٿي وينڃڻو ٺاهيان
هٺيلي ڪيئن سمجهايان؟
نڪي تو گيت لاڏيلو
ڪڏھن ڪو گُنگُنايو آ
نڪي تو آرتي ڳاتي
ٻُڌين ٿي راڳ ويراڳي
چوين ٿي ڪانگڙي ڳايان
هٺيلي ڪيئن سمجهايان؟
جُتي جديد پائڻ سان
هلڻ ۾ پير ٿڙڪن ٿا
ڏسين ٿي رُوپ سمبارا
ڪرين ٿي خُوب نچڪارا
چوين ٿي رقص ۾ آھيان
هٺيلي ڪيئن سمجهايان
ڇُھڻ سان ڇرڪ کائيندي
ڏندن ۾ آڱريون ڏيئي
شرم ۾ نيڻ ٻوٽين ٿي
ڏسين ٿي ڳوٺ جا ٻالڪ
چوين ٿي مان به جهولايان
هٺيلي ڪيئن سمجهايان؟
نڪي ڀڳوان سان ناتو
نڪي شيطان کي سجدو
ڪرين انسان جون ڳالهيون
ڏسين ٿي روپ ڪرشن جو
چوين ٿي سيسُ نمايان
هٺيلي ڪيئن سمجهايان؟
گُذاري ڳوٺ ۾ جيون
ڏٺو تو ڏيپلو ناهي
ڪرين ٿي ڪيچ جون ڳالهيون
ڏسين ٿي فيشني مايون
چوين ٿي شھر گهُمايان
هٺيلي ڪيئن سمجهايان؟
وڻڻ سان واسطو ناهي
گُلن کان ڏُور گهارين ٿي
نڪي آ شوق ساوڪ جو
سُنگهين ٿي مهڪ مروي جي
چوين ٿي پاڻ پوکايان
هٺيلي ڪيئن سمجهايان؟
❤️
2