
💔اڌوري محبت💔
June 11, 2025 at 02:01 PM
اسان سان ڪچهريون ڪيو دوستو
هليا وينداسين اوچتو اوچتو۔
پکي شام ڌاران هي ڪاڏي وڃن ٿا
پوي ڪونه ٿو ڪنهنکي ڪوئي پتو
هليا وينداسين اوچتو اوچتو۔
اکين ۾ رهن ٿيون اداسي جون شامون
جيئڻ ۾ نه هاڻي اچي ٿو مزو
هليا وينداسين اوچتو اوچتو۔
ڀلا ڪو پرين کان ڪيئن جدا ٿي
ڏکيو ڪيڏو استاد آ مرحلو
هليا وينداسين اوچتو اوچتو۔.
> Aijaz ®ahimoon♡
❤️
👍
😢
10