
💔اڌوري محبت💔
June 12, 2025 at 05:27 AM
*رنڊيءَ جي ڌيءَ*
مردن جي هن بيهودا معاشري ۾ ڪنهن اجنبيءَ جي هٿ ۾ هٿ ڏئي، آزاديءَ سان فقط هڪ رنڊيءَ ئي گهُمي سگهي ٿي.....!
دانش هن جي اکين ۾ گهوريو ۽ پنهنجو ڪنڌ نوائي ڇڏيو ۽ ڪجھ قدم هلڻ کانپوءِ سوال ڪيائين!
مرد عورت سان دوستيءَ ڇو ڪرڻ چاهيندو آهي؟؟؟
سيڪس انجواءِ ڪرڻ لاءِ....!
ڊاڪٽر شبنم اندر جو زهر اوڳاڇيو.
غلط،
عورت ڪومل احساس آهي. دُنيا ڀر جي پريشانين جو حل فقط عورت وٽ آهي، مرد لاءِ عورت راحت ۽ سُڪون جو ڪارڻ بڻجي ٿي.
توهان کي مردن کان ايتري نفرت ڇو آهي؟؟؟
پوري دُنيا جا مرد واحيات آهن...!
مونکي اختلاف آهي توهان جي ان ڳالھ سان، اُنهن مردن ۾ شُمار توهان جو پيءُ جو ٿئي ٿو...!!
دانش اعتراض واريو.
ڊاڪٽر شبنم جي چهري تي هيڪاندي هڪارت تري آئي، پوري دُنيا ۾ اگر ڪو واحيات کان واحيات تَر انسان آهي ته اُهو مُنهنجو پيءُ آهي....!
دانش کي وڌيڪ سگھ نه ٿي وضاحت گهرڻ جي، ڪافي دير ماٺار ڇانئجي وئي. ڪجھ فاصلي تي هڪ مُلان حجاب ۾ ويڙهيل هڪ عورت سان گڏ تفريح ٿي ڪئي.
ڊاڪٽر شبنم پردي ۾ ڍڪيل ان عورت کي ڏسي چپن تي طنزيا مُرڪ آنڌي ۽ دانش سان مُخاطب ٿي!
الائي ڇو مونکي شريفن جي شرافت تي ترس ايندو آهي.
دانش هن جي اندر جي ڪروڌ کي وڌيڪ پرکڻ ٿي چاهيو...؟
ڊاڪٽر شبنم جي لفظن ۾ هيڪاندو زهر ڀريل هو. جي شريفن جي شرافت تان پردو کڻجي ته هر با پردہ عورت بازارون هوندي آهي.
هن سماج کان ايڏي ڪروڌ ۽ نفرت تي دانش کي تعجب لڳو. اهو توهان جي اندر جي عورت جو ڪروڌ آهي، تون فسٽريشن جو شڪار ٿي رهي آهين...!
هوءَ مرڪي پئي.
توهان دانشورن جي اهائي ڳالھ مونکي وڻندي آهي، توهان روائتي ڳالھ ناهيو ڪندا.
ناول- رنڊيءَ جي ڌي
Z A Bajeer
❤️
😮
👍
🙏
18