
Thatta News
May 22, 2025 at 11:33 AM
ٺٽو : گُذريل ڏھ مھينن کان گھر وٽان گم ٿي ويل 10 ساله معصوم شير علي ناھيو گھر نہ پھتو منهنجي پُوٽي جي ڳولا ۾ منھنجي مدد ڪئي وڃي، پيرسن ڏاڏي پُوٽي جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل، تفصيل موجب ٺٽي شھر جي ناھيا برادري ٽائون ھال دايا محلہ جو رھواسي 10 سالن جو معصوم ٻارڙو شير علي ناھيو والد مرحوم غلام سرور عرف شبو ناھيو جي ڏاڏي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منھنجو 10 ساله پُوٽو شير علي ناھيو گُذريل 10 مھينن کان لاپتہ آھي اسان ڪافي ڳولا ڪئي آھي جنھن جو ڪو به ڏس پتو ناھي پيو مون ٺٽي ٿاڻي تي به اطلاع ڏيڻ باوجود اڃا تائين ڪنھن به ڪنهن قسم جو رابطو ناھي ڪيو ڪافي چڪر ھنيا آھن ھر ھنڌ ڪافي ڳُولا ڪئي پر ڪٿان به منهنجي پُوٽي جو ڪو ڏس پتو ناهي پيو اسان غريب آهيون غربت سبب آئون ھن عمر به گھرن ۾ مزدوري ڪندي آھيان آئون ھٿ ٻڌي ايس ايس پي ٺٽو ڊي آئي جي حيدرآباد آئي جي سنڌ پوليس ۽ حڪومت سنڌ ۽ ٻين ادارن کان مطالبو ٿي ڪريان ته مون در در وڃي پنهنجي پُوٽي جي ڳولا ڪئي آهي خدارا، منھنجي پُوٽي جي ڳولا ۾ منھنجي مدد ڪئي وڃي

😢
👍
9