
💔اڌوري محبت💔
June 15, 2025 at 02:53 PM
ڪافي
بابر بلوچ
ڪري هوت هليا ويا هيڪلڙي آئون پنڌ پنهل جا پڇايان ٿي
ڪئي جاڙ جتن آهي جيڏيون تڏهن آب اکين مان هاريان ٿي
هتي هاڻ ڀنڀور م ڇا رهنديس
جتي جت نه رهيا اتي ڪيئن جيئنديس
وڃي قول پنهل سان پاريان ٿي
ڏي ڏس ڏونگر هتان ڪير لنگهيا
مونکي ڏک ڏيئي ڏاڍا ڏير لنگهيا
ور ور ڏئي واٽون نهاريان ٿي
ڪندو ٻانڀڻ ٻيڙا پار خدا
هيو مقدر م تڏهن جت ٿيو جدا
پنهنجي پرور کي ته پڪاريان ٿي
ڪري ڪيچي قهر ويا مونسان
هن درد جي ڪنهن کي دانهن ڏيان
مان ته ڳالهيون سڄڻ جون ساريان ٿي
ڪري بابر مون تي ڀال خدا
هجان پنهنجي پنهل سان ساڻ سدا
وسائيپوٽا ڪون وساريان ٿي
❤️
🤍
2