
💔اڌوري محبت💔
June 15, 2025 at 02:53 PM
ڪافي
بابر بلوچ
عمر ياد اچن ٿا مونکي اباڻا اباڻا
وساريان ڪيئن ڏيهي ڏاڏاڻا
ڪيو قيد قسمت هتي بند ڪوٽن
ڇڏيو جيئ جهوري سنگهارن جي سوچن
نٿا گهرجن مونکي پلنگ ۽ وهاڻا
ڀٽون ڀالوا جون سدا ويٺي ساريا
ويڙيچن سان وطن م وڃي مال چاريا
وٺا مينهن ملڪ تي ساوا گاه ڪماڻا
ڏي مير موڪل وڃي ٿر وسايان
اباڻن جا اوٽا ڀٽن ڀر وسايان
هتي ڪين هلندئي نڪين مله ناڻا
تنهنجي بئيڊ بخمل کان ڀلي ٿر جي واري
اگهي ويندي عرشن منهنجي آه زاري
پڪاريان پئي پل پل کنيو نيڻ نماڻا
وسائيپوٽا ويٺي سگهارن کي ساريان
چوي بابر بيوس ڏکيا ڏينهن گذاريان
ڏسان شل اکين سان ڀٽون ۽ ڀاڻا
🤍
1