
💔اڌوري محبت💔
June 15, 2025 at 02:53 PM
درد دل م ڌڪ هڻن ٿا دير دلبر تون نه ڪر
هاڻ واڳون وار واپس وير دلبر تون نه ڪر
ڪهت وانگر ڪل ڪتيون ۽ چيٽ چارا سڀ لنگهيا
تو سوا سڏڪا سنڀارون سانوڻ سيارا سڀ لنگهيا
هر گهڙي گذري ڏکي پئي مهر دلبر تون به ڪر
مينهن موٽيا مند مٺڙي مرڪندي ماڻهون ڏسان
قرب ڪر ڪو ڪاڪ وانگي روح ٿو راڻو ڏسان
اچ پراڻا پٽ گهمي وڃ سير دلبر تون به ڪر
انتظاري انت آخر آهي منهنجي آرزو
ناهي دم تي ڪو بقا بس آ ملون اڄ روبرو
منهنجي خوابن کي مٽي جا ڍير دلبر تون نه ڪر
بخت تنهنجو يار بابر بخت آهي بيمثال
چار ڏينهن آهي حياتي ۽ جواني جو جمال
تخت تي ترندي هلڻ م هير دلبر تون نه ڪر
❤️
🤍
5