
Daily Pakistan News
June 17, 2025 at 04:49 AM
دادو: رئيس نبن خان لنڊ واري روڊ تي ڦر، ضلعو ڦورن جي رحم و ڪرم تي
دادو (رپورٽ: سنڌآءِ نيوز) دادو ضلعي ۾ ڦر جي وارداتن جو سلسلو نه رڪجي سگهيو، جتي ھن ڀيري رئيس نبن خان لنڊ واري روڊ تي ٻه موٽر سائيڪل سوار نامعلوم هٿياربند ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
عيني شاهدن موجب، ڦورن نئون طريقو اختيار ڪندي اڳيان ڪاٺيون وجهي رستو بند ڪيو ۽ "چيڪنگ" جي بهاني سان ماڻهن کي بيهارڻ لڳا. جڏهن گاڏين وارا روڪيا، تڏهن ھڪ ڦورو اکين ۾ بتي هڻي گمراھ ڪيو، جڏھن ته ٻئي هٿيار ڏيکاري سڌو اوزار ڪيو ۽ قميتي سامان، موبائل فون ۽ نقد رقم ڦري فرار ٿي ويا.
مقامي رهواسين جو چوڻ آهي ته دادو ضلعو هاڻي ڦورن جي حوالي ٿي چڪو آهي، جتي ڪو به ماڻهو، واپاري، يا مسافر محفوظ ناهي. پوليس طرفان اڃا تائين ڪنهن به قسم جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي، جنهن ڪري عوام ۾ بيچيني ۽ خوف جي لهر پکڙجي وئي آهي.
شهرين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته دادو ضلعو ۾ وڌندڙ ڏوهن خلاف سخت قدم کنيا وڃن ۽ ڦورن جي ٽولي کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو وڃي.

👍
😢
3