
E 4 Education Official
June 20, 2025 at 07:27 AM
جيئن ته توهان جي ڄاڻ ۾ آهي تہ، تعليمي سال 2024-25 لاءِ سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ ڇھين، نائين ۽ ڏهين درجي جي ڇوڪرين جي لاءِ وظيفي جي ادائيگي جاري آهي۔
ان سلسلي ۾ توهان جي پاران ڏنل موبائيل نمبر تي 8558 نمبر تان هڪ ايس ايم ايس ايندو، جنهن ۾ هڪ TID (ٽرانزيڪشن آءِ ڊي) ڏني ويندي۔
توهان اهو ايس ايم ايس کڻي پنهنجي ويجهي جاز ڪيش فرنچائز يا دوڪان تي وڃو، ۽ جاز ريٽيلر کي ايس ايم ايس ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکاري، پنهنجي والد يا سرپرست جي بايوميٽرڪ تصديق ڪرائي، وظيفي جي مڪمل رقم 3500 رپيا بغير ڪنهن ڪٽوتي جي حاصل ڪريو۔
جيڪڏهن ڪو مسئلو پيش اچي:
توهان پنهنجي لاڳاپيل اسڪول، ضلع جي LSU آفيس، يا RSU آفيس سان رابطو ڪريو
يا
جاز جي هيلپ لائن نمبر 4444 تي ڪال ڪريو (جيڪڏهن توهان جاز يا وارڊ نمبر استعمال ڪري رهيا آهيو)
۽ جيڪڏهن توهان ٻين موبائيل ڪمپنين جي نمبر تان ڪال ڪري رهيا آهيو تہ هي نمبر استعمال ڪريو:
021-111-124-444
جيڪڏهن ايس ايم ايس نه ملي تہ:
توهان هيٺ ڏنل ويب سائيٽ تي وڃي پنهنجي سڃاڻپ ڪارڊ نمبر يا اسڪول جي SEMIS ڪوڊ ذريعي رڪارڊ چيڪ ڪري سگهو ٿا:
🔗 https://semis.rsu-sindh.gov.pk/verify-stipend
---
اهم هدايت:
وظيفي جي رقم بغير ڪنهن به ڪٽوتي جي حاصل ڪريو۔
جيڪڏهن ڪو دوڪاندار ڪا به رقم ڪٽي، تہ ان جي ستت شڪايت ڪريو۔
👍
❤️
🙏
10