
Daily Pakistan News
June 19, 2025 at 07:38 AM
سنڌ ۾ نااهلي جا سب رڪارڊ ٽٽي ويا…!!!
اڍائي سال اڳ قتل ٿيل سنڌيونيورسٽي جي شاگردياڻي ماجدان عباسي جي پوسٽ مارٽم رپورٽ جي ڊي اين ۾ کيس مرد ڄاڻائي ڇڏيو,قبرڪشائي بعد مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ ورتل سمپل نوري آباد پوليس لاش جا جزا وٺي سيل ڪري سمپل مالي خاني ۾ رکي ڇڏيا 20 ڏينهن بعد روهڙي ۽ لمس ليبارٽري منتقل ڪيا ويا،
چار مهينن بعد پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري ٿي انهي ۾ ناري جي ڊي اين ۾ کيس مرد ڄاڻايو ويو، ميڊيڪل بورڊ جي رپورٽ جي آڌار تي جوابدار جيل مان ضمانت تي آزاد ٿي ويو,ناري جو خون لڙي ويو وارث سراپا احتجاج بڻيل آھن
هاء ڪورٽ هن معامري جي ٻيهر جاچ جو حڪم ڏنو آھي
ڏسجي اڳتي ڇا ٿو ٿئي ڇا غفلت ڪندڙن مٿان ڪيس داخل ٿيندو،
هن ڪيس بابت تفصيل اڄوڪي ڪاوش ۾ رپورٽ ڌڻي بخش باريجو پڙھڻ نه وساريندا ,19 جون جي اخبار ڪاوش ۾
باريجو ڌڻي بخش..!

😮
1