Daily Pakistan News
Daily Pakistan News
June 20, 2025 at 09:56 AM
سنڌ ۾ ميريٽ .... حيدرآباد سنڌ ۾ هڪ 17 هين گريڊ جي پوسٽ لاء انٽرويو پئي ٿيا , اسان جو اسلام آباد ۾ رهندڙ هڪ معتبر سنڌي دوست پنهنجي نياڻي کي ان اميد سان انٽرويو لاء وٺي ويو ته اها تعليمي ڪيرئير ۾ سدائين پوزيشن کڻندڙ رهي آهي ته پاس ٿي ويندي , سندس حيرت جي انتها نه رهي جڏهن ٺيڪ انٽرويو واري ڪمري جي ٻاهر کيس ايجنٽ ورائي ويا , هڪ همراء چيو ادا ان پوسٽ جو اگھ 80 لک رپيا آهي ٻي چيو مون پنهنجي اميدوار لاء هيترا لک ڏنا آهن , اسان جي دوست چيو مان پئسا ڇو ڏيندس منهنجي نياڻي هونهن ئي پاس ٿي ويندي , همرائن وڏا وڏا ٽهڪ ڏنا ... رزلٽ آئي اها نياڻي فيل ۽ ٻيا ڪجه اميدوار پاس ٿي ويا ... ساڳي ڇوڪريء ڪجه ڏينهن بعد اسلام آباد ۾ ٿيل هڪ انٽرويو ۾ سڀني کان وڌيڪ نمبر کڻي پاس ٿي وئي , سنڌ ۾ چمڪ ۽ پئسي کيس سترنهن گريڊ جو آفيسر ٿيڻ نه ڏنو ....
😢 ❤️ 👍 8

Comments