
Karachi Water & Sewerage Corporation (KW&SC)
May 29, 2025 at 08:30 AM
29 مئي 2025 / ميڊيا سيل / ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن
پريس ريليز:-
شديد گرمي جي باوجود مختلف پمپنگ اسٽيشنز تي ڪي اليڪٽرڪ جا بريڪ ڊائون ٿي رهيا آهن، واٽر ڪارپوريشن
ڪي اليڪٽرڪ جي بريڪ ڊائون سبب پاڻي جي ترسيل جو نظام سخت متاثر ٿي رهيو آهي، ترجمان
بجلي جي تعطل جي ڪري پاڻي جي فراهمي ۾ شديد مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ترجمان
ڪراچي( )واٽر ڪارپوريشن پاران جاري ڪيل هڪ وضاحتي بيان ۾ چيو ويو آهي تہ شديد گرمي جي موسم ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران بار بار بجلي جي بندش جي باوجود شهر ۾ پاڻي جي فراهمي کي برقرار رکڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر ڪي اليڪٽرڪ پاران مختلف پمپنگ اسٽيشنز تي لڳاتار بريڪ ڊائون سبب واٽر ڪارپوريشن کي شهر ۾ پاڻي جي فراهمي جي نظام ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب 27 مئي جي رات 1:50 تي ڌابيجي پمپنگ اسٽيشن تي بجلي جو بريڪ ڊائون ٿيو ۽ بجلي صبح 7:20 تي بحال ٿي ان دوران ڪي ٿري ۽ فورتھ فيز جي بجلي مڪمل طور بند رهي جنهن سبب ان ڏينهن شهر کي تقريباً 45 ملين گيلن پاڻي فراهم نہ ٿي سگهيو اھڙي طرح 28 مئي جي رات 2:45 تي ٻيهر ڌابيجي پمپنگ اسٽيشن تي بجلي جي فراهمي معطل ٿي ۽ صبح 7:50 تي بحال ٿي ان ڏينهن بہ ڪي ٿري پمپنگ اسٽيشن جي بجلي مڪمل طور بند رهي ۽ شهر کي وڌيڪ 45 ملين گيلن پاڻي جي فراهمي ممڪن نہ ٿي سگهي ترجمان ٻڌايو تہ بجلي جي بريڪ ڊائون سبب لڳاتار ٻن ڏينهن جي دوران مجموعي طور تي 90 ملين گيلن پاڻي جي ترسيل متاثر ٿي جنهن سبب نہ رڳو مختلف علائقن کي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو پر اين اي ڪي پمپنگ اسٽيشن جي سطح ۾ بہ نمايان گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي ان کان علاوه سخي حسن پمپنگ اسٽيشن ۽ سخي حسن هائيڊرنٽ تي بہ پاڻي جي فراهمي معطل رهي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو تہ انهن سمورين مشڪلاتن جي باوجود واٽر ڪارپوريشن جي عملي مڪمل محنت ۽ ڪوشش سان صورتحال تي ضابطو آندو آهي ۽ هاڻ شهر ۾ پاڻي جي فراهمي مڪمل طور تي معمول تي اچي چڪي آهي ۽ واٽر ڪارپوريشن شهرين کي اپيل ٿو ڪري تہ هوء پاڻي جي استعمال ۾ احتياط ڪن ۽ اداري سان پنهنجو تعاون جاري رکن ساڳئي وقت ادارو اميد ڪري ٿو تہ ڪي اليڪٽرڪ پنهنجي ذميواري کي بھتر ريت نڀائيندي ۽ مستقبل ۾ اهڙن بريڪ ڊائون کان پاسو ڪندو تہ جيئن شهر کي پاڻي جي فراهمي جو عمل ڪنهن بہ رنڊڪ کانسواءِ جاري رهي سگهي.
جاري ڪندڙ:- عبدالقادر شيخ
پبلڪ ريليشنز آفيسر (پي-آر-او)
ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن
👍
❤️
🔥
🖐
🖕
6