
Karachi Water & Sewerage Corporation (KW&SC)
June 15, 2025 at 12:10 PM
15 جون 2025 / ميڊيا سيل / ايم ڊي / سي اي او / ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن
پريس ريليز:-
محرم الحرام 2025 جي سلسلي ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي لاءِ خاص انتظامات جي هدايت، ترجمان
واٽر ڪارپوريشن شهرين کي سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي تيار ڪري ورتي، واٽر ڪارپوريشن
ڪراچي( )ميئر ڪراچي ۽ چيئرمين ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن بيرسٽر مرتضىٰ وهاب جي هدايتن تي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر احمد علي صديقي محرم الحرام جي مقدس ڏھاڙن جي پيشِ نظر شهر ڀر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي غيرمعمولي ۽ مؤثر انتظام ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون ان سلسلي ۾ سي اي او واٽر ڪارپوريشن جي اسٽاف آفيسر الاهي بخش ڀٽو طرفان جاري ڪيل هڪ هدايت نامي ۾ سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايتون ڪيون ويون آهن تہ ھوء ضلعي انتظاميا چونڊيل عوامي نمائندن مذهبي اڳواڻن خاص طور تي شيعه عالمن ۽ جعفريه الائينس سميت ٻين مذهبي تنظيمن سان ويجهو رابطو رکن ۽ انهن سان مڪمل سهڪار کي يقيني بڻائين هن ترجيحي قدمن ۽ مڪمل انتظامن جي تڪميل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو تہ محرم الحرام جي شروعات کان اڳ شهر ڀر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا وڃن خاص طور تي مسجدن امام بارگاهن مجلسن سبيلن ۽ جلوسن جي رستن تي پاڻي جي فراهمي ۽ سيوريج نظام ۾ سڌاري کي ترجيح ڏني وڃي ان سلسلي ۾ سمورن ضلعن جي سپرنٽينڊنگ انجنيئرز کي هدايت ڪئي وئي آهي تہ هوء ضلعي انتظاميا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن سان مسلسل رابطي ۾ رهن ۽ مجلسن ۽ جلوسن دوران پاڻي ۽ صفائي جي سڀني معاملن جي نگراني ڪن تہ جيئن عزادارنِ حضرت امام حسينؑ کي ڪنهن بہ قسم جي تڪليف کي منهن نہ ڏيڻو پوي سمورن ايگزيڪيوٽو انجنيئرن (واٽر) کي هدايت ڏني وئي آهي تہ هوء پنهنجي لاڳاپيل علائقن ۾ بنا ڪنھن رڪاوٽ پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائين ايگزيڪيوٽو انجنيئرس (سيوريج) جلوسن ۽ مجلسن جي هنڌن تي صفائي سيوريج لائينن جي درستگي ۽ مين هولز جي حالت بهتر بڻائڻ لاءِ خاص قدم کڻن ايگزيڪيوٽو انجنيئر (ورڪشاپ) کي جيٽنگ ۽ سڪشن مشينن جي مڪمل تياري ۽ ڊرائيورن جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ جون ھدايتون ڪيون ويون آهن گڏوگڏ محرم الحرام جي عام موڪلن جي دوران عملي جي حاضري کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڊيوٽي روسٽرز پڻ تيار ڪرڻ جون ھدايتون ڏنيون ويون آھن انچارج هائڊرنٽس سيل کي هدايت ڪئي وئي آهي تہ هوء پهرين محرم الحرام کان يوم عاشور تائين مسجدن امام بارگاهن مجلسن سبيلن ۽ جلوسن جي رستن تي واٽر ٽينڪرن جي فراهمي کي يقيني بڻائي تہ جيئن جعفري الائنس سميت ٻين مذهبي تنظيمَن پاران لڳايل سبيلن کي بغير ڪنهن معاوضي جي پاڻي جي سهولت مهيا ڪري سگهجي جڏهن تہ فوڪل پرسن براءِ هائيڊرنٽس سيل واٽر ٽينڪرن جي انتظامن جي نگراني ڪندي پاڻي جي بروقت ۽ مسلسل فراهمي کي يقيني بڻائي محرم الحرام جي انتظامن جي سلسلي ۾ واٽر ڪارپوريشن پاران چيف انجنيئر واٽر محمد علي شيخ چيف انجنيئر سيوريج منير احمد ڀٽي ايگزيڪيوٽو انجنيئر ورڪشاپ ڊويزن شفقت حسين مگهن ۽ فوڪل پرسن ٽو سي اي او براءِ هائڊرنٽس سيل شهباز بشير کي فوڪل پرسنز مقرر ڪيو ويو آهي ۽ ان ڏس ۾ سمورن لاڳاپيل عملدارن کي سختي سان هدايت ڪئي ويئي آھي تہ هوءَ ھنن سمورن فوڪل پرسنز سان مڪمل تعاون ڪن تہ جيئن محرم الحرام جي دوران شهرين کي ڪنهن بہ قسم جي تڪليف کي منهن نہ ڏيڻو پوي ان موقعي تي سي اي او واٽر ڪارپوريشن احمد علي صديقي واضح ڪيو تہ محرم الحرام جي دوران عوام الناس کي سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن بہ قسم جي غفلت يا ڪوتاهي هرگز برداشت نہ ڪئي ويندي۔
جاري ڪندڙ:- عبدالقادر شيخ
پبلڪ ريليشنز آفيسر (پي-آر-او)
ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن