Karachi Water & Sewerage Corporation (KW&SC)
Karachi Water & Sewerage Corporation (KW&SC)
June 20, 2025 at 01:07 PM
20 جون 2025 / ميڊيا سيل / ايم ڊي / سي اي او / ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن تعزيتي پيغام اڳوڻو ايم ڊي واٽر ڪارپوريشن محمد سليمان چانڊيو لاڏاڻو ڪري ويو، واٽر ڪارپوريشن جي سي اي او ۽ سي او او پاران تعزيت جو اظهار، ڪراچي( )چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر واٽر ڪارپوريشن احمد علي صديقي ۽ چيف آپريٽنگ آفيسر انجنيئر اسدالله خان واٽر ڪارپوريشن جي اڳوڻي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد سليمان چانڊيو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو پنهنجي گڏيل تعزيتي بيان ۾ هنن جو چوڻ هو تہ مرحوم محمد سليمان چانڊيو هڪ انتهائي قابل ايماندار ۽ خلوص سان پنهنجا فرض نڀائيندڙ اعليٰ پايه جو آفيسر هو ھن واٽر ڪارپوريشن ۾ پنهنجي پيشه ورانه خدمتن دوران اداري جي بهتري لاءِ جيڪو مثبت ۽ قابلِ قدر ڪردار ادا ڪيو اهو هميشه ياد رکيو ويندو سندن خدمتون ۽ اداري سان گہري وابستگي کي هميشه عزت ۽ احترام جي نگاه سان ڏٺو ويندو ھنن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ ڏک ۽ صدمي جي هن گهڙي ۾ واٽر ڪارپوريشن جا سمورا آفيسر ۽ ملازم مرحوم محمد سليمان چانڊيو جي گھر ڀاتين سميت سمورن سوڳوار پونيئرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن ھنن دعا ڪئي تہ الله تعاليٰ مرحوم کي پنهنجي جوارِ رحمت ۾ بلند مقام عطا فرمائي سندس مغفرت فرمائي ۽ سمورن وارثن کي اھيو صدمو صبر ۽ استقامت سان برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين. جاري ڪندڙ:- عبدالقادر شيخ پبلڪ ريليشنز آفيسر (پي-آر-او) ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن
😢 👍 3

Comments