
Salam Sindh News
2.3K subscribers
About Salam Sindh News
سڀني دوستن کي سلام سنڌ نيوز واٽس ايپ چينل ۾ ڀليڪار چئون ٿا دوستو ھن واٽس ايب چينل کي فالو ڪري ڇڏيو سلام سنڌ نيوز جي ھر اپڊيٽ فاسٽ ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ مھرباني ايڊمن طارق بوزدار گھوٽڪي سنڌ
Similar Channels
Swipe to see more
Posts

سنڌ جي وقتي گورنر اويس قادر شاهه کي گورنر هائوس ۾ امن امان بابت اجلاس گهرائڻ جي اجازت نه ملي عملي گورنر هائوس جا در کولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو گورنر هائوس جا در بند ڪرڻ عهدي سان مذاق آهي: اويس قادر شاهه آئيني ڪم ڪرڻ کان روڪي نه ٿو سگهجي: اويس قادر شاهه گورنر هائوس ۾ امن امان بابت اجلاس سڏائڻ ۾ رنڊڪون وجهڻ شرم جوڳو عمل آهي: اويس قادر

وقتي گورنر اويس قادر شاهه لاءِ گورنر هائوس آفيس جو دروازو نه کولڻ وارو مامرو...

ايراني حملي جو خوف آمريڪا قطر ايئر بيس تان پنهنجا جنگي جهاز ڪڍي ويو

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ حيدرآباد-سکر موٽروي بابت ٿيل گڏجاڻي دوران اين ايڇ جي چيئرمين اعلان ڪيو ته منصوبي تي ڪم ايندڙ سال مارچ ۾ شروع ڪيو ويندو. جڏهن ته وڏي وزير منصوبي لاءِ گهربل 6342 ايڪڙ خانگي زمين هلندڙ سال آگسٽ تائين منتقل ڪرڻ جون هدايتون ڪيون ويون آهن.

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير آمريڪا جي سرڪاري دوري دوران واشنگٽن ڊي سي ۾ سينيئر عالمن، تجزيه نگارن، پاليسي ماهرن، عالمي ميڊيا، دانشورن ۽ دفاعي ماهرن جي نمائندن سان تفصيلي ۽ غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آرمي چيف آمريڪا ۾ ممتاز ٿنڪ ٽينڪس ۽ اسٽريٽجڪ معاملن جي ادارن سان پڻ تفصيلي ڳالهيون ڪيون. نمائندن سان هن ملاقات اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جي اصولي موقف کي اجاگر ڪرڻ ۽ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ ويزن کي بهتر طور تي بيان ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته پاڪستان علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان بين الاقوامي نظام ۾ تعميري ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، آرمي چيف حق جي جنگ ۽ آپريشن بنيان مرصوص تي به تفصيلي روشني وڌي. آرمي چيف عاصم منير چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف عالمي جنگ ۾ فرنٽ لائن تي آهي، پاڪستان انساني ۽ معاشي سطح تي بيشمار قربانيون ڏنيون آهن، ۽ پاڪستان وٽ آئي ٽي، زراعت، معدنيات ۽ مائننگ ۾ بيشمار موقعا آهن.

درگاھ مشوری شریف ویلوگ ویڈیو ضرور دیکھیں کلک لنک 👇👇 https://youtu.be/5y5xZcR1Gfc

سنڌ پوليس ۾ ايس ايڇ اوز جي مقرري ۽ بدلي لاءِ نئون طريقيڪار شروع، ميرٽ جي بنياد تي مقرري لاءِ واضح ايس او پي متعارف ڪرايا ويا، پنهنجي ضلعي ۾ پوسٽنگ تي پابندي، صرف آءِ جي جي منظوري سان ممڪن آهي،


بجلي نه ٿي اچي، مٿان وري سولر تي ٽيڪس لڳائي غريبن مٿان بم ڪيرايو ويو آهي: نثار کهڙو

اسرائيل جنگ مڙهي آهي، اسان پنهنجو دفاع ڪري رهيا آهيون: ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جو گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪونسل کي خطاب