Salam Sindh News
Salam Sindh News
June 20, 2025 at 08:55 AM
پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير آمريڪا جي سرڪاري دوري دوران واشنگٽن ڊي سي ۾ سينيئر عالمن، تجزيه نگارن، پاليسي ماهرن، عالمي ميڊيا، دانشورن ۽ دفاعي ماهرن جي نمائندن سان تفصيلي ۽ غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آرمي چيف آمريڪا ۾ ممتاز ٿنڪ ٽينڪس ۽ اسٽريٽجڪ معاملن جي ادارن سان پڻ تفصيلي ڳالهيون ڪيون. نمائندن سان هن ملاقات اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جي اصولي موقف کي اجاگر ڪرڻ ۽ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ ويزن کي بهتر طور تي بيان ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته پاڪستان علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان بين الاقوامي نظام ۾ تعميري ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، آرمي چيف حق جي جنگ ۽ آپريشن بنيان مرصوص تي به تفصيلي روشني وڌي. آرمي چيف عاصم منير چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف عالمي جنگ ۾ فرنٽ لائن تي آهي، پاڪستان انساني ۽ معاشي سطح تي بيشمار قربانيون ڏنيون آهن، ۽ پاڪستان وٽ آئي ٽي، زراعت، معدنيات ۽ مائننگ ۾ بيشمار موقعا آهن.
😂 1

Comments