Sindh CM House

Sindh CM House

109.7K subscribers

Verified Channel
Sindh CM House
Sindh CM House
February 10, 2025 at 08:53 AM
ڪراچي (10 فيبروري 2025ع): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آھي ته پاڪستان ۾ دھشتگردي اندروني معاملو ناھي پر اھو بيروني سازش تحت ڪرايو پيو وڃي. انھن چيو ته ملڪ جي معيشت ۾ بھتري ٿي رھي آھي ۽ ان جو فائدو سڄي ملڪ کي ٿيڻ وارو آھي. ھن اھا ڳالھھ فرانس جي سفير نڪولس گالي سان وزيراعليٰ ھائوس ۾ ملاقات دوران ڪئي. ان موقعي تي وزيراعليٰ جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ فرانس جو قونصل جنرل اليگزس شاٽاٽنسڪي پڻ موجود ھئا. ملاقات ۾ ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفه لاڳاپيل ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي تفصيلي ڳالھيون ڪيون ويون. وڏي وزير سن 2022ع جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي بابت اڳڀرائي تي روشني وڌي. ھن چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ ايڪويھھ لک گھرن جي اڏاوت وارو ڪم تيزيءِ سان جاري آھي، جڏھن ته زراعت لاءِ زرعي زمينون ۽ آبپاشي نظام کي بحال ڪيو ويو آھي. وڏي وزير چيو ته پاڪستان جي معيشت بھتري ڏانھن وڃي رھي آھي، پر گذريل معيشت جي صورتحال سبب ترقياتي پروگرام متاثر ٿيا. ھن وڌيڪ چيو ته ھاڻي معيشت ۾ بھتري ٿي رھي آھي، جنھن جو فائدو سڄي ملڪ کي ٿيڻ وارو آھي. ملاقات ۾ زرعي ٽيڪس بابت ڳالھائيندي وڏي وزير چيو ته آءِ ايم ايف زراعت تي پڻ ٽيڪس لڳائڻ چاھيو ھو، پر صوبي ۾ زرعي ٽيڪس اڳئي لاڳي ھو. ھن چيو ته زرعي ٽيڪس 15 سيڪڙو کان وڌائي 45 سيڪڙو ڪيو ويو آھي، جيڪو آبادگارن تي ھڪ وڏو ٻوجھھ ٿيندو. دھشتگردي ۽ سيڪيورٽي صورتحال بابت ڳالھائيندي وڏي وزير چيو ته پاڪستان ۾ دھشتگردي اندروني معاملو ناھي پر اھو بيروني سازش تحت ٿي رھيو آھي. ھن چيو ته ملڪ ۾ دھشتگردي تي ڪافي حد تائين ضابطو آندو آھي ۽ سيڪيورٽي ادارا سندن ڀرپور ڪردار ادا ڪري رھيا آھن. ھن چيو ته سنڌ ۾ امن ۽ امان واري صورتحال تمام بهتر آھي، جيڪا پڻ سرمائيدارن لاءِ فائديمند آھي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) تحت ڪيترن ئي اھم رٿائن کي مڪمل ڪيو آھي ۽ وڌيڪ منصوبا پڻ جاري آھن. ھن فرانسيسي ڪمپنين کي واٽر ڊيسلينيشن جي شعبي ۾ سرمائيڪاري جي آڇ ڪئي. فرانس جي سفير فرانسيسي ڪمپنين جي سنڌ ۾ سرمائيڪاري ۾ دلچسپي ظاھر ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته سنڌ حڪومت مختلف منصوبن جي فھرست فرانسيسي سفير کي فراهم ڪندي، ته جيئن فرانسيسي ڪمپنين کي سنڌ ۾ آڻي سگھجي. فرانس جي سفير سنڌ جي وڏي وزير کي يو اين اوشين ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، جيڪا 9 کان 13 جون 2025ع تائين فرانس ۾ منعقد ٿيندي. عبدالرشيد چنا ترجمان وزيراعليٰ سنڌ #sindhcmhouse
👍 😂 ❤️ 🌶️ 🙏 🤭 19

Comments