Sindh CM House

Sindh CM House

109.7K subscribers

Verified Channel
Sindh CM House
Sindh CM House
February 12, 2025 at 09:46 AM
*سنڌ جي وڏي وزير جو پاڪستان ليڊرشپ ڪنورسيشن 2025ع کي خطاب* *ايف بي آر 80 ارب رپين جي گذريل سال جي وصولي ڪيل رقم هن سال سنڌ کي منتقل ڪئي: سيد مراد علي شاهه* *ڊوميسائل ۾ بي ضابطگين جي جاچ جاري، شفافيت ۽ احتساب کي يقيني بڻايو ويندو: وڏو وزير* *غربت، گهٽ شرح خواندگي، غذائي کوٽ، ٻارن جي اموات ۽ پاڻي جي گھٽتائي جا چئلينج درپيش آهن: مراد علي شاهه* *وڏي وزير پاران ھڪ ڀيرو ٻيھر صحت، تعليم، زرعي ۽ آبپاشي نظام جي بهتري ۽ اقتصادي ترقي کي هٿي ڏيڻ جو عزم* ڪراچي (12 فيبروري 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي ٽيڪس وصولي واري عمل تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته گذريل سال گڏ ڪيل 80 ارب رپين کان وڌيڪ رقم هن سال سنڌ کي منتقل ڪئي وئي آهي. پاڪستان ليڊرشپ ڪنورسيشن 2025ع ۾ خطاب ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته وفاقي حڪومت فنڊز وقت تي منتقل ڪري، ته جيئن سماجي شعبي ۾ بروقت سيڙپڪاري ممڪن ٿي سگهي. وڏي وزير سندس ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو فنڊز جي دير سان منتقلي آهي. هن چيو ته آمدني وقت تي گڏ ڪئي ويندي آهي، پر سنڌ کي ان جو جائز حصو بروقت نه ٿو ملي. هن وفاقي حڪومت کان گھر ڪئي تھ فنڊز جي غير ضروري دير کانسواءِ منتقلي کي يقيني بڻايو وڃي. ڊوميسائل سان لاڳاپيل بي ضابطگين بابت ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه يقين ڏياريو ته ڊوميسائل ۾ بي ضابطگين واري معاملي تي جاچ جاري آهي ۽ جيڪو به ڏوهي ثابت ٿيندو ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن واضح ڪيو ته حڪومت شفافيت ۽ احتساب تي پڪو يقين رکي ٿي.وڏي وزير "استقامت ۽ پائيدار ترقي: سنڌ جي اڳتي وڌڻ جو رستو" جي عنوان هيٺ پنهنجي ويزن کي بيان ڪندي سنڌ کي هڪ مستحڪم ۽ پائيدار صوبو بڻائڻ جو عزم ڪيو. هن تعليم، صحت، آبي نظام، بنيادي ڍانچي ۽ اقتصادي ترقي ۾ انقلابي قدم کڻڻ تي زور ڏنو. سنڌ جي ثقافتي ورثي ۽ ان جي بي پناهه صلاحيتن کي تسليم ڪندي سيد مراد علي شاھھ چيو ته صوبو هڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، جتي ترت اپاءَ وٺ۾ڻ جي گھرج آھي. وڏي وزير سنڌ ۾ غربت، گهٽ شرح خواندگي، غذائي کوٽ، ٻارن جي اموات ۽ پاڻي جي گھٽتائي جهڙن مسئلن جي نشاندهي ڪئي. هن آبپاشي جي ناقص نظام سبب پاڻي جي 75 سيڪڙو تائين ضايع ٿيڻ کي "ناقابل قبول" قرار ڏيندي پائيدار حل تي عملدرآمد ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ھن يقين ڏياريو تھ صوبائي حڪومت انھن اھم مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ فيصلو ڪندڙ اپاءَ وٺي رھي آھي. تعليم جي حوالي سان سيد مراد علي شاهه چيو ته شرح خواندگي ۾ واڌ ۽ اسڪولن ۾ صنفي امتياز ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن هر ٻار کي معياري تعليم حاصل ٿي سگھي. اھڙي ريت صحت واري شعبي ۾ خاص طور تي حمل دواران ۽ بعد ۾ ماءُ ۽ ٻار جي صحت تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته سندس حڪومت نون ڄاول ٻارن جي اموات ۽ غذائي کوٽ گهٽ ڪرڻ لاءِ بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري ڪري رهي آهي ۽ نوان پروگرام پڻ متعارف ڪرائي رهي آهي. وڏي وزير چيو تھ سنڌ واٽر اينڊ ايگريڪلچر ٽرانسفارميشن پروجيڪٽ تحت آبپاشي جو جديد، پاڻي جي ضايع کي گهٽائڻ ۽ زرعي پيداوار ۾ اضافو آڻڻ لاءَ اپاءَ ورتا پيا وڃن. ڪراچي ۾ اليڪٽرڪ گاڏين واري رٿا بابت ھن اعلان ڪيو تھ 8000 ماحول دوست گاڏين کي ٽن مرحلن طور تي 500 اليڪٽرڪ بسن جي شروعات ٿي رھي آھي. جنھن جو مقصد آلودگي ۽ ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽائڻ سميت لکين ماڻهن کي باوقار سفر فراهم ڪرڻ لاءِ آهي. سي پيڪ جي ٻئي مرحلي بابت ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته چين پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور (سي پيڪ) تحت صنعتي ترقي ۽ زرعي پيداوار ۾ واڌ جي اميد آهي. هن ٻڌايو ته ٽرانسپورٽ ۽ توانائي جي بنيادي ڍانچي ۾ بهتري سان سنڌ ۾ هزارين نوڪريون پيدا ٿينديون. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سنڌ جي ترقي اڪيلي ممڪن ناهي پر وفاقي حڪومت، بين الاقوامي شراڪتدارن ۽ نجي شعبي سان مضبوط سهڪار جي ضرورت آهي. هن عوامي شموليت جي اهميت کي به اجاگر ڪيو ته جيئن ڊگهي مدي واري ترقي ۽ استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سندس حڪومت جي بنيادي ڊانچي کي جديد بڻائڻ، پائيدار اپائن تي عملدرآمد ۽ اقتصادي ترقيءَ کي ھٿي ڏيڻ جو عزم ڪيو. ھن چيو ته پائيداري ۽ استحڪام رڳو لفظ ناهن اهي بنيادي اصول آهن، جيڪي سنڌ جي مستقبل کي ترتيب ڏئي رهيا آهن. وڏي وزير جي خطاب کي مختلف اسٽيڪ هولڊرن طرفان ساراهيو ويو، جن حڪومت جي قدمن جي حمايت ڪئي. جيئن جيئن سنڌ ترقي جي رستي تي وڌندي، انهن منصوبن جي عملي نفاذ تي سڀني جون نظرون هونديون. پاڪستان ليڊرشپ ڪنورسيشن 2025ع ۾ معزز شخصيتن، سرڪاري عملدارن ۽ مختلف شعبن جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. عبدالرشيد چنا ترجمان وزيراعليٰ سنڌ #sindhcmhouse
❤️ 👍 😂 12

Comments