Irfan Bughio ☑️
January 23, 2025 at 02:32 PM
بلوچ اسان جا ڀائر آھن، ۽ تاريخ ۾ بلوچن ۽ سنڌين جي وچ ۾ محبت، ڀائيچاري ۽ اتحاد جا مثال هميشه موجود آھن. اسان جا اڳواڻ، اڪبر بگٽي کان وٺي شهيد بشير خان قريشي تائين، هميشه اتحاد ۽ همدردي جو سبق ڏيندا آيا آھن. انهن اتحاد جي جذبي کي اڳتي وڌائڻ اسان سڀني جو فرض آهي.
ماھرنگ بلوچ جو بيان ته "ڪراچي بلوچستان جو سڀ کان وڏو شهر آهي" هڪ ڳڻتي جوڳو بيان هو، جيڪو نه صرف غلط فهميون پيدا ڪرڻ جو سبب بڻيو پر سوشل ميڊيا تي ڇڪتاڻ کي به وڌايو. ان بيان کانپوءِ ماھرنگ بلوچ وضاحت نه ڪئي، جنهن مان اھو تاثر ملي ٿو ته شايد اهڙن ليڊرن جي منشور ۾ سنڌ جي وحدت کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش شامل آهي. ان کان علاوه، اڄ ڪلھ بلوچستان جي ڪجهه آزادي پسند پارٽيون نعرو لڳائين ٿيون: "مين جنگ ڪنا جنگ ڪنا، سکر روهڙي دنگ ڪنا." هي نعرو نه فقط سنڌ جي خلاف وير کي ظاهر ڪري ٿو پر ٻن ڀائر قومن جي وچ ۾ فرق وڌائڻ جي ڪوشش به ڪري ٿو.
تاريخ شاهد آهي ته سنڌي ۽ بلوچ پاڻ ۾ سدائين ڀائيچاري سان رهندا آيا آھن، ۽ انشاءالله مستقبل ۾ به اهو اتحاد برقرار رهندو. اسان کي اهڙن نام نهاد ۽ بي شعور ليڊرن جي پويان لڳڻ بدران عقلمندي سان فيصلو ڪرڻ گهرجي. پنهنجو وقت ۽ توانائي انهن ماڻهن سان گڏ گذاريو جيڪي محبت ۽ اتحاد جو سبق ڏين ٿا. 🙏❤️
❤️
👍
21