Irfan Bughio ☑️ WhatsApp Channel

Irfan Bughio ☑️

8.0K subscribers

About Irfan Bughio ☑️

چينل تي شامل ٿيندڙ سڀني سڄڻن کي دل جي گھراين سان ڀليڪار چئون ٿا 💐

Similar Channels

Swipe to see more

Posts

Irfan Bughio ☑️
Irfan Bughio ☑️
6/12/2025, 6:45:03 AM

https://www.facebook.com/share/v/16J8UZ6618/ اسڪول جي سامان جو مبينا جعلي بل 58 لک جو🤔 ايتري رقم ۾ ته نئون اسڪول ٺهي وڃي ها... ڊائريڪٽر سيڪنڊري ايس بي اي خلاف ڊي اي او نوشهروفيروز پاران ڪرپشن جي لکت ۾ دانهن، ڪارروائي جي اپيل رپورٽ: زاهد قائمخاني پنهنجو چينل عرفان ٻگهيو واٽس ايپ چينل فالو ڪرايو ❤️🌹 https://whatsapp.com/channel/0029Va7rkEC1iUxgtJfQoi2N

❤️ 👍 😢 7
Irfan Bughio ☑️
Irfan Bughio ☑️
6/11/2025, 10:57:23 PM

https://youtu.be/wzPgxF6wq-c?si=YDKY1A683U8PLyxt

❤️ 4
Irfan Bughio ☑️
Irfan Bughio ☑️
6/12/2025, 12:03:27 PM
Post image
🖐 ❤️ 🖐️ 😂 👹 😡 🚩 30
Image
Irfan Bughio ☑️
Irfan Bughio ☑️
6/12/2025, 9:55:27 AM

https://www.facebook.com/share/v/15eFAcLeJo/ حڪمرانو، سنڌ ۾ انساني رت سستو ڇو ڪيو اٿو؟ شڪارپور ۾ 4، تنگواڻي ۾ هڪ ڄڻو قتل ظلم خلاف آواز سگهارو بڻائڻ لاء عرفان ٻگھيو واٽس ايپ چينل فالو ڪيو، لنڪ هيٺ ڏجي ٿي https://whatsapp.com/channel/0029Va7rkEC1iUxgtJfQoi2N

👍 ❤️ 😂 😢 8
Irfan Bughio ☑️
Irfan Bughio ☑️
6/11/2025, 10:09:11 PM
Post image
👍 ❤️ 3
Image
Irfan Bughio ☑️
Irfan Bughio ☑️
6/12/2025, 12:03:26 PM

صوفي لاڪوفي پاران راشد محمود سومرو صاحب کي پيغام اسان، صوفي لاڪوفي جي پليٽفارم تان، محترم راشد محمود سومرو صاحب کي هڪ امن، ترقي، ۽ سنڌ جي خودمختياريءَ جي پيغام سان مخاطب ڪريون ٿا. اسان اوهان جي ان فيصلي جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا ته جيڪڏهن اوهان واقعي ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪندا، ته اسين اوهان سان گڏ آهيون. تازو اوهان سنڌ يونيورسٽي ۾ آيا هئو، جتي اوهان کان سيڪيولرزم ۽ سوشلسٽ نظريي بابت سوال ڪيا ويا. انهن سوالن جي پويان شايد هڪ علمي بحث هو، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اوهان جي جماعت جا ڪجهه شخص، جيڪي پاڻ کي "عالمِ دين" سڏائين ٿا، انهن جو رويو ۽ زبان اخلاقي ۽ سياسي حدن کان ٻاهر آهي. اسان وٽ هر ضلعي، هر شهر ۽ هر ڳوٺ مان ان جا واضع ثبوت موجود آهن. اسين ياد ڏياريون ٿا ته ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي دور ۾ جماعت اندر ڪارڪنن جي مالڪي ٿيندي هئي، سندن تربيت ٿيندي هئي، ۽ رياست خلاف نه، پر ظلم خلاف جدوجهد جو جذبو وڌايو ويندو هو. انهيءَ لاءِ عرض آهي ته اوهان پهرين پنهنجي جماعت جي اندر تربيت تي ڌيان ڏيو، ته جيئن اوهان جا نمائندا سنجيده، باشعور ۽ بااخلاق سياست کي فروغ ڏئي سگهن. ان کان پوءِ جيڪڏهن اوهان سيڪيولرزم يا سوشلسٽ سوچ جي مخالفت به ڪريو، ته اها علمي ۽ دليلن تي ٻڌل هجي، نه ته گاريون ۽ الزام بازيءَ تي. مهربانيون. – صوفي لاڪوفي ٽيم

❤️ 😂 👍 🤔 🤨 19
Irfan Bughio ☑️
Irfan Bughio ☑️
6/13/2025, 5:26:14 AM

🔥 سنڌ جي سورهيه پٽ جو والهانه استقبال 🔥 سائين سيد زين شاهه 20 تاريخ تي ڪراچي ايئرپورٽ تي پهچندو، جتي سندس شاندار استقبال ڪيو ويندو! سيد زين شاهه نه رڳو سنڌ جي آواز آهي، پر هڪ بهادر سپوت پڻ آهي، جنهن "سنڌو درياهه بچايو تحريڪ" ۾ جي. ايم. سيد ۽ سورهيه بادشاهه جيان تاريخي ڪردار ادا ڪيو. هو سنڌ جي غيرت، خودداري ۽ مزاحمت جو علامت آهي ✊ اچو ته هن دلير پٽ جي آجيان ۾ پنهنجو فرض ادا ڪريون! 📍 مقام: ڪراچي ايئرپورٽ 🗓️ تاريخ: 20 🕘 وقت: جلد ئي اعلان ڪيو ويندو

❤️ 👍 😂 53
Irfan Bughio ☑️
Irfan Bughio ☑️
6/12/2025, 5:03:54 PM

https://www.facebook.com/share/v/1CTNugGJ1Z/ اتر سنڌ جون حالتون ڀيانڪ ٿي ويون، پر حڪمرانن کي ڪا پرواهه ئي ناهي، هڪ هڪ ڏينهن ۾ چار چار ماڻهو قتل، ٻارڙا به قتل ۽ اغوا... ظلم خلاف آواز سگهارو بڻائڻ لاء عرفان ٻگھيو واٽس ايپ چينل فالو ڪيو https://whatsapp.com/channel/0029Va7rkEC1iUxgtJfQoi2N

😢 ❤️ 👍 🖐 17
Irfan Bughio ☑️
Irfan Bughio ☑️
6/11/2025, 10:09:13 PM

ڀرياروڊ ضلعو نوشھروفيروز ۾ پيپلزپارٽي جي نااھلي ڏسو ھن غريب سان ٿيندڙ ظلم جو انصاف ڪڏھن ملندو قومي قيادتون ان مسئلي کي گھرائي سان ڏسي رھيون جيڪڏھن ھيءَ پيپلزپارٽي جيڪا روٽي ڪپڙا مڪان جو نعرو ھڻي اسان جي قوم کان روٽي ڪپڙا مڪان به کسي ڇڏيو آھي اچو ته ھاڻي ڀرياروڊ جي ڪاروباري شخصيت جي دانھن ٻڌون ! مان، حنيف دڪاندار، پنهنجي جائز مسئلي بابت ڀرياروڊ جي معزز شهرين، منڊي جي دڪاندارن، ۽ لاڳاپيل ادارن جي خدمت ۾ عرض ٿو ڪريان: اڄ کان تقريبن اَٺ-ڏهه مهينا اڳ مون سيٺ مشتاق آرائين سان تقريبن چار لک رُپين جي ڪڻڪ جو سودو ڪيو هو. هن مونکي پنهنجي منشي جي نالي تي چيڪ فراهم ڪيا، جيڪي بعد ۾ بئنڪ مان پاس نه ٿيا. جڏهن مون سيٺ مشتاق آرائين سان رابطو ڪيو ۽ کيس چيڪ ناڪامي بابت آگاه ڪيو ته هن نه صرف پئسا ڏيڻ کان انڪار ڪيو، پر اُلٽو مون کي ڌمڪائڻ شروع ڪيو. ان صورتحال کان پوءِ مان ڀرياروڊ منڊي جي چيئرمئن امتياز آرائين، جيڪو پاڻ به ڀرياروڊ جو چيئرمئن آهي، سميت ٻين معزز دڪاندارن سان رابطو ڪيو، پر هنن صاف لفظن ۾ چيو ته "تو ڄاڻ، مشتاق ڄاڻي" – مطلب ته هو ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهن. پوءِ مان ڊي سي نوشهروفيروز سان رابطو ڪيو، جنهن فوري طور SHO ڀرياروڊ کي هدايت ڪئي ته منهنجو مسئلو حل ڪيو وڃي. SHO جي ڪوششن سان هڪ فيصلو ٿيو، جيڪو نديم آرائين جي اڳواڻيءَ ۾، گلاب ڪيريو، وسيم ملڪ، محمد خان ڪيريو، انور کوکر، ۽ علي حسن بروهي جي موجودگيءَ ۾ ٿيو. ان فيصلي ۾ سيٺ مشتاق آرائين ڏوهي قرار ڏنو ويو. چيئرمئن امتياز آرائين به ان فيصلي ۾ شريڪ هو ۽ چيو ته "منشي ڪراچي ۾ آهي، واپس اچي ته 10 جنوري تي آخري فيصلو ڪنداسين." 10 جنوري تي مان چيئرمئن صاحب سان رابطو ڪيو، پر هُن ساڳي پراڻي روش اختيار ڪئي ۽ چيو ته "تو ڄاڻ، مشتاق ڄاڻي." اهڙيءَ ريت، سيٺ مشتاق آرائين کي وري به بچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. مان ٻيهر SHO ڀرياروڊ لعل خان شر سان رابطو ڪيو. هن هڪ دفعو ٻيهر نديم آرائين ۽ گلاب ڪيريو سان رابطو ڪري معلومات ورتي. ٻنهي واضح طور چيو ته اڳئين فيصلي ۾ سيٺ مشتاق آرائين کي ڏوهي قرار ڏنو ويو هو، ۽ فيصلو حنيف دڪاندار جي حق ۾ آيو هو. ان بنياد تي SHO، سيٺ مشتاق آرائين کي ٻن ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو ته پئسا ادا ڪري، ٻي صورت ۾ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هاڻ مان ڀرياروڊ جي معزز شهرين ۽ منڊي جي سڀني دڪاندارن کان اپيل ٿو ڪريان ته منهنجي هن جائز مسئلي کي ٻن ڏينهن جي اندر حل ڪرائڻ ۾ مدد ڪن. مان هميشه توهان سڀني جو شڪرگذار رهندس. – حنيف دڪاندار

❤️ 👍 😢 7
Irfan Bughio ☑️
Irfan Bughio ☑️
6/11/2025, 5:20:49 PM

https://www.facebook.com/share/r/15iQLdGYnq/ ڇا اوهان عرفان ٻگهيو يوٽيوب ۽ واٽس ايپ چينلس سبسڪرائب ۽ فالو ڪرڻ چاهيندا؟ لنڪس هي آهن يوٽيوب https://m.youtube.com/@irfanbughio/videos واٽس ايپ https://whatsapp.com/channel/0029Va7rkEC1iUxgtJfQoi2N

❤️ 👍 🙏 18
Link copied to clipboard!