Irfan Bughio ☑️
January 25, 2025 at 06:19 AM
موھيڙا ڦُٽڻ جي مُند ھُئي، محبوب جي ناراضگيءَ جو درد مون کي ايذاءُ ڏيڻ لڳو ھو، ايتري قدر جو ھڪڙو سگريٽ اُجهائي، ٻيو دُکائڻ لڳي ھيس، پر سگريٽن ۾ به مزو نه رھيو ھو، من جي صورتحال ايتري ڳنڀير ٿي چُڪي ھُئي، جو پنھنجيءَ مُنھن ڳالھائڻ لڳي ھيس، ڇا ڳالھائي رھي ھيس، اُھو راز ڪا ھم جنس پرست عورت ئي سمجھي سگھي ٿي،
جنھن جي محبوبه ننڍين ننڍين ڳالهين تي ناراض ٿيندي ھُجي،
ناول- سَت رنگي ڇوڪريون
❤️
😢
👍
😮
❤🩹
💔
54