Irfan Bughio ☑️
Irfan Bughio ☑️
February 6, 2025 at 09:19 AM
ڪامريڊ امير باغيءَ جي قرباني ۽ سندس عزم کي سلام، جيڪو پنهنجي ڌرتيءَ جي خوشحالي لاءِ پنڌ ۾ آهي، اڄ کيس پنهنجي نئين ڄاول گل جهڙي پٽ جي وڇوڙي جي خبر پئي . هي لمحو نه رڳو سنڌ جي قومي تحريڪ لاءِ هڪ وڏو مثال آهي، پر انهن سڀني لاءِ سوچڻ جو مقام به آهي، جيڪي چون ٿا ته قومپرستن سنڌ لاءِ ڇا ڪيو؟ هي صرف لفظن جي ڳالهه ناهي، هي هڪ سچو ارپڻ آهي، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجا سڀئي درد وساري، صرف ڌرتيءَ لاءِ جيئڻ جو وچن ڪيو آھي . امير باغيءَ جو هي قدم انهن لاءِ هڪ سوال آهي، جيڪي اڃا تائين بيحس بڻجي ويٺا آهن. ڇا ڌرتيءَ لاءِ ان کان وڏي ڪا قرباني ٿي سگهي ٿي؟ "جنهن ڌرتيءَ لاءِ اولاد جي وڇوڙي جو ڏک به روڪي نٿو سگهي، ڪامريڊ امير باغيءَ جي ثابت قدمي سنڌ جي قومي تحريڪ جو روشن مثال آهي، ۽ اسان سڀني کي هن مان سکي، پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ♥️😘
❤️ 😢 👍 😘 🙌 🙏 🚩 🥹 🫡 58

Comments