Salam Sindh News
Salam Sindh News
February 12, 2025 at 11:53 AM
اسلام آباد: پي ٽي آءِ باني عمران خان شير افضل مروت کي پارٽي مان ڪڍڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. ذريعن موجب قومي اسيمبلي ميمبر شير افضل مروت کي پارٽي مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ باني عمران خان پارٽي اڳواڻن کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته شير افضل مروت کي پارٽي مان ڪڍيو وڃي. عمران خان جي هدايتن تي پارٽي اڳواڻ جلد شير افضل مروت جي بنيادي رڪنيت ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندا ۽ بنيادي رڪنيت ختم ٿيڻ تي شير افضل مروت کان قومي اسيمبلي ميمبر طور استعيفيٰ به طلب ڪئي ويندي. واضح رهي ته شير افصل مروت جي صوابي جلسي ۾ ڪردار تي پارٽي اڳواڻن پي ٽي آءِ باني کي شڪايت ڪئي هئي ✔️✔️ وڌيڪ نيوز اپڊيٽ لاءِ اسان جي واٽس ايپ چينل سلام سنڌ نيوز کي فالو ڪندا ڪلڪ لنڪ & فالو ⤵️⤵️ https://whatsapp.com/channel/0029VaCAAxVDuMRh6LNP712C

Comments