Salam Sindh News
Salam Sindh News
February 28, 2025 at 02:41 PM
ڪيپ ٽائون: دنيا جو سڀ کان وڏي عمر وارو اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر رون ڊريپر 98 ورهين ۽ 63 ڏينهن جي ڄمار ۾ ڏکڻ آفريڪا ۾ وفات ڪري ويو. رون ڊريپر اڱاري ڏينهن گيڪيبرها جي هڪ ريٽائرمينٽ هوم ۾ آخري ساهه کنيو، جڏهن ته سندس گهر ڀاتين اڄ سندس لاڏاڻي جي تصديق ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب، رون ڊريپر هڪ ٽاپ آرڊر بيٽر ۽ وڪيٽ ڪيپر هو، جنهن 1950ع ۾ آسٽريليا خلاف ڏکڻ آفريڪا جي نمائندگي ڪندي 2 ٽيسٽ ميچون کيڏيون. سندس لاڏاڻي کان پوءِ هاڻي آسٽريليا جو 96 ورهين جو نيل هاروي سڀ کان وڏي عمر وارو زنده ٽيسٽ ڪرڪيٽر بڻجي ويو آهي ✔️✔️ وڌيڪ نيوز اپڊيٽ لاءِ اسان جي واٽس ايپ چينل سلام سنڌ نيوز کي فالو ڪندا ڪلڪ لنڪ & فالو ⤵️⤵️ https://whatsapp.com/channel/0029VaCAAxVDuMRh6LNP712C

Comments