Salam Sindh News
Salam Sindh News
February 28, 2025 at 04:03 PM
سعودي عرب ۾ رمضان المبارڪ 1446 هجري جو چنڊ نظر اچي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب، مڪي پاڪ، مديني شريف، تبوڪ، سدير ۽ ٻين شهرن ۾ رمضان جو چنڊ ڏسڻ لاءِ اجلاس ٿيا، جن ۾ موسمياتي ۽ فلڪياتي ماهرن شرڪت ڪئي. سعودي ميڊيا ٻڌايو آهي ته سعودي عرب جي علائقن سدير ۽ تمير ۾ چنڊ نظر آيو. چنڊ نظر اچڻ بعد سعودي عرب ۾ سڀاڻي، پهرين مارچ تي پهريون روزو رکيو ويندو. سعودي سپريم ڪورٽ ٿوري دير ۾ سرڪاري اعلان جاري ڪندي. ✔️✔️ وڌيڪ نيوز اپڊيٽ لاءِ اسان جي واٽس ايپ چينل سلام سنڌ نيوز کي فالو ڪندا ڪلڪ لنڪ & فالو ⤵️⤵️ https://whatsapp.com/channel/0029VaCAAxVDuMRh6LNP712C

Comments