Sindh CM House

Sindh CM House

109.7K subscribers

Verified Channel
Sindh CM House
Sindh CM House
May 31, 2025 at 07:20 AM
*سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو ورلڊ نو ٽوبيڪو ڊي جي موقعي تي پيغام* *سگريٽ ڇڪڻ صرف هڪ عادت ناهي پر هڪ موتمار بيماري جي پاڙ آهي، سيد مراد علي شاهه* *شهرين کي صحتمند زندگي ۽ تمباڪو کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ اسان جو مشن آهي، وڏو وزير* ڪراچي (31 مئي 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته تمباڪو نوشي هڪ عالمي وبا آهي، جنھن ڪارڻ هر سال لکين انساني جانيون ضايع ٿينديون آھن. "ورلڊ نو ٽوبيڪو ڊي" جي موقعي تي سندس پيغام ۾ هن زور ڀريندي چيو تھ صحت هر شهري جو بنيادي حق آهي ۽ اسان کي پنهنجي ايندڙ نسلن کي به تمباڪو جي نقصانڪار اثرن کان بچائڻو پوندو. سيد مراد علي شاهه چيو ته نوجوانن کي تمباڪو نوشي کان بچائڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. شهرين کي صحتمند زندگي ۽ صاف ماحول مهيا ڪرڻ اسان جو مشن آهي. هن چيو ته سگريٽ ڇڪڻ رڳو عادت نه آھي، پر ڪيترين ئي خطرناڪ بيمارين جي پاڙ آهي. صحت جي حفاظت لاءِ تمباڪو بابت قانونن تي سختي سان عمل ڪرايو ويندو. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت تمباڪو نوشي خلاف اثرائتا پاءَ وٺي رهي آهي. تعليمي ادارن، اسپتالن ۽ عوامي هنڌن تي تمباڪو تي پابندي لاڳو ڪئي پئي وڃي. سيد مراد علي شاهه شهرين کي اپيل ڪئي ته تمباڪو نوشي ڇڏي ڏين ۽ ٻين کي پڻ منفي عادت کان بچائڻ ۾ سندن ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. عبدالرشيد چنا ترجمان وزيراعليٰ سنڌ #sindhcmhouse | #worldnotobaccoday | #who | #sindhgovt
❤️ 👍 💉 😂 6

Comments