
Sindh CM House
May 31, 2025 at 12:05 PM
ڪراچي (31 مئي): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي اڳواڻيءَ هيٺ ايندڙ مالي سال 26-2025 جي بجيٽ تجويزن تي غور ڪرڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪابينا اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ وزيرن، صلاحڪارن، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ لاڳاپيل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ حڪومت جي ترقي، غربت جي خاتمي، ۽ پائيدار ترقيءَ جي عزم تي زور ڏنو ويو جيڪو پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن موجب آهي۔ اجلاس جي شروعات ۾ مراد شاهه چيو ته آئون چاهيان ٿو ته ڪابينا جا سڀئي ميمبر بجيٽ جي تياريءَ ۾ ڀرپور حصو وٺن ته جيئن هي بجيٽ ماڻهن جي اصل ضرورتن کي پورو ڪري سگهي۔ هن وڌيڪ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت هيٺ اسان هر ضلعي مان تجويزون گڏ ڪيون آهن ته جيئن هي بجيٽ نمائندا ۽ مؤثر هجي۔ وڏي وزير نئين بجيٽ جي اهم شعبن تي روشني وجهندي چيو ته ان ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال، شمسي توانائي جي نظام جي واڌاري، تعليم، صحت، زراعت، ۽ صنعتي ترقيءَ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو۔ هن چيو ته سال 2024-25 ۾ اسان ڪا نئين اسڪيم شروع نه ڪئي ڇاڪاڻ ته اسان جي ترجيح هلندڙ منصوبن جي مڪمل ٿيڻ آهي۔ وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي عوام کي حقيقي فائدو ڏيندڙ نيون اسڪيمون شروع ڪيون وينديون۔ اجلاس ۾ بحث هيٺ اهم نڪتن ۾ ٻوڏ متاثر ڪميونٽين جي بحالي جون ڪوششون جاري رکڻ، اسڪولن ۽ اسپتالن جي مرمت، بنيادي ڍانچي ۽ خدمتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ پبلڪ-پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي نون ميگا پروجيڪٽس جو آغاز، غربت جي خاتمي لاءِ سماجي تحفظ جي پروگرام کي مضبوط ڪرڻ، مرمت ۽ سار سنڀال لاءِ بجيٽ ۾ واڌارو، اسپتالن جي سامان کي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ ڪراچي ۾ شهري ٽرانسپورٽ کي بهتر بڻائڻ لاءِ ٽرانسپورٽ منصوبن جي مڪمل ٿيڻ شامل آهن۔ ڪابينا ميمبرن پاران ڏنل تجويزن ۾ غير ترقياتي خرچن کي گهٽائڻ ۽ مڪاني حڪومتن کي مالي طور تي خودمختيار بڻائڻ جا قدم، سماجي ڀلائيءَ جي فراهميءَ کي بهتر بڻائڻ لاءِ ترغيب سان گڏ ڊجيٽل ڪيش ٽرانسفر جو آغاز، سڄي صوبي ۾ ڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ لاءِ انتظام ۽ شمسي توانائي جي نظام جي واڌ، ۽ عوامي ٽرانسپورٽ کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيترن ئي ضلعن ۾ نون بس اڏن جي تعمير شامل آهن. وڏي وزير وفاقي-صوبائي رابطن جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته "اسان بجيٽ کي وفاقي حڪومت جي فنڊنگ (صوبي جي حصي) ۽ پنهنجي صوبي جي آمدنيءَ جي حدفن جي بنياد تي حتمي شڪل ڏينداسين ته جيئن مالي ذميواري ۽ مؤثريت کي يقيني بڻائي سگهجي۔" وڏي وزير چيو ته عيد کانپوءِ وڌيڪ اجلاس ٿيندا ته جيئن بجيٽ تجويزن کي حتمي شڪل ڏني وڃي ۽ منظور ڪيو وڃي۔ اسان جو مقصد اهڙو بجيٽ پيش ڪرڻ آهي جيڪو شفاف، ترقي پسند، ۽ هر سنڌي شهري جي زندگيءَ کي بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏئي۔ هي فعال حڪمت عملي ايندڙ مالي سال ۾ سنڌ جي پائيدار ترقي، سماجي انصاف، ۽ مؤثر حڪمرانيءَ جي عزم کي ظاهر ڪري ٿي۔
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ
👍
❤
❤️
👏
💉
🙏
10