
Sindh CM House
June 3, 2025 at 01:08 PM
ڪراچي (3 جون): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران جسماني ۽ اعصابي واڌويجهه جي مسئلن جو شڪار ٻارن جي بحالي لاءِ قائم مرڪز جو افتتاح ڪري ڇڏيو. هي مرڪز ميري ايڊيليڊ ليپروسي سينٽر (MALC) ۽ حڪومت سنڌ جي معذور افراد بابت بااختيار کاتو (DEPD) جي گڏيل ڪوشش جو نتيجو آهي۔ وڏي وزير چيو ته هي مرڪز انهن ٻارن لاءِ اميد آهي ۽ اسان جي اجتماعي وابستگيءَ جو عڪاس آهي جيڪي جسماني يا اعصابي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهن جن ۾ آٽيزم ۽ ڊائون سنڊروم جهڙا مرض شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان جو ويزن بلڪل واضح آهي ته انهن ٻارن کي سنڀال، علاج ۽ موقعا مهيا ڪيا وڃن ته جيئن اهي هڪ باوقار ۽ ڀرپور زندگي گذاري سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار وڏي وزير اڄ جسماني ۽ اعصابي نشوونما جي مسئلن سان منهن ڏيندڙ ٻارن لاءِ قائم ڪيل بحالي مرڪز جي افتتاح کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي معذور فردن بابت بااختيار کاتو (DEPD) جو سيڪريٽري طهٰ احمد فاروقي، وڏي وزير جو خاص مددگار راجوير سنگھ سوڍا، جرمني جو قونصل جنرل ڊاڪٽر روڊيگر لوٽس، جرمن ليپروسي اينڊ ٽي بي رليف ايسوسيئيشن (GLRA) جو گلوبل هيلٿ ايڊوائزر ڊاڪٽر انيل فاسٽينو، ميري ايڊيليڊ ليپروسي سينٽر (MALC) جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مروين فرانسس، ايم اي ايل سي گورننگ بورڊ جو نائب صدر انور الحق حيدري، خزانچي عظيم حسين صديقي ۽ بورڊ جو ميمبر عابد حسين پڻ موجود هئا۔ مراد علي شاه چيو ته هي مرڪز هڪ ئي ڇت هيٺ هڪ جامع ۽ مڪمل طور تي ڳنڍيل سهولتن جو مجموعو آھي جيڪو مختلف شعبن جي ماهرن تي ٻڌل هڪ ٽيم پاران فراهم ڪيو پيو وڃي۔ انهن خدمتن ۾ شامل آهن: فزيوٿراپي: ٻارن جي چرپر ۽ جسماني واڌويجهه کي بهتر بڻائڻ لاءِ خاص پروگرام. اسپيچ ٿراپي: ٻارن جي ڳالهائڻ ۽ ٻولي سکڻ جي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم. ريميڊيئل ٿراپي: علمي ۽ تعليمي ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ خاص مدد. بيهيوريئل ٿراپي: مثبت روين کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪوشش. آڪيوپيشنل ٿراپي: روزمره جي ڪم ڪار، خودمختياري، ۽ حسي توازن تي ڌيان. سينسري روم: هڪ خاص ماحول جيڪو ٻارن جي حسي توازن ۽ تحقيق کي فروغ ڏئي. ماهر اطفال جون خدمتون: طبي معائنو ۽ ٻارن جي صحت تي نظر رکڻ. خصوصي راندين جو علائقو: ماهرن جي نگراني هيٺ خاص اوزارن سان ليس، محفوظ ۽ شموليت وارو راندين وارو علائقو. آڊيو ميٽري جون سهولتون: ٻڌڻ جي مسئلن جي سڃاڻپ ۽ وقت سر علاج . وڏي وزير مرڪز جي مختلف شعبن جو دورو ڪيو، ٻارن سان ملاقات ڪئي ۽ سهولتن جو جائزو ورتو.
ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه:
ميڊيا سان ڳالھائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هي مرڪز ذهني ۽ جسماني ٻنهي قسمن جي صحت جي مسئلن جي علاج جي سهولت فراهم ڪندو. ٻارن جي بحالي وارن مرڪزن (CRPD) حڪومت سنڌ جي معذور افراد جي بحالي وارو کاتو (DEPED) جي ڪوششن کي موثر انداز ۾ مضبوط ڪري رهيا آهن. هن ٻڌايو ته افتتاح جي پهرئين ڏينهن ئي مرڪز ۾ 50 ٻارن جو اندراج ٿي چڪو آهي. مراد علي شاهه ڪوڙھ (ليپروسي) خلاف ميري ايڊيليڊ ليپروسي سينٽر (MALC) جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ شاهراهِ ڀٽو تي قائم ٿيل نئين وڏي بحالي مرڪز کي اجاگر ڪيو جيڪو هڪ وقت ۾ هزارين ٻارن جي علاج جي صلاحيت رکي ٿو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته بحالي مرڪز ڪراچي، گمبٽ، لاڙڪاڻو، ٽنڊو محمد خان ۽ نوابشاهه ۾ قائم ڪيا ويا آهن. وڏي وزير اعلان ڪيو ته سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به خصوصي ٻارن لاءِ اهڙا مرڪز قائم ڪيا ويندا. انڪلو سِو سٽي: وڏي وزير ٻڌايو ته حڪومت ڪراچي ۾ ملير ايڪسپريس وي ويجهو 100 ايڪڙ واپس ورتل زمين تي ’’انڪلو سِو سٽي‘‘ جي قيام لاءِ جاءِ رکي آهي جيڪا خاص ماڻهن لاءِ مخصوص هوندي. هن چيو ته هي انڪلو سِو سٽي هڪ جامع ماحول فراهم ڪندو جنهن ۾ خاص ماڻهن لاءِ اسڪول، بحالي مرڪز، فني تربيت وارا ادارا، جنرل اسپتال، نيوروسائڪيٽري وارڊ ۽ انهن ماڻهن لاءِ رهائشي سهولتون هونديون جيڪي مستقل سنڀال ۽ مدد جي ضرورت رکن ٿا. ان منصوبي ۾ 20 ايڪڙ تي مشتمل هڪ پارڪ به شامل آهي جيڪو خاص ٻارن لاءِ محفوظ ۽ خوشگوار کيڏڻ لاءِ ڊزائين ڪيو ويو آهي جڏهن ته هڪ وڏي عمارت به تعمير ڪئي ويندي جتي فلاح و ڀلائي جي تنظيمون جا آفيس هوندا. وڏي وزير چيو ته هي شهر رسائي، وقار ۽ موقعن جي هڪ مثال هوندو جتي معذور ماڻهو آزاديءَ سان زندگي گذاري سگهن ٿا ۽ سماج ۾ پورو حصو وٺي سگهن ٿا. مراد علي شاهه چيو ته ’’انڪلو سِو سٽي‘‘ اسان جي حڪومت جي ان عزم جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪو هڪ اهڙو سماج قائم ڪرڻ جو مقصد رکي ٿو جتي هر ماڻهو، چاھي هو جسماني يا ذهني نشونما جي چيلنجن ۾ مبتلا هجي، هڪ مددگار ۽ معاون ماحول ۾ تعليم، صحت، بحالي ۽ فني تربيت جهڙن موقعن تائين پهچ حاصل ڪري سگهي. هن چيو ته جڏهن مهارت، وسيلا ۽ محنت گڏ ڪيا وڃن جهڙوڪه MALC، DEPED ۽ سنڌ حڪومت گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن ته تڏهن شاندار نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. ڊاڪٽر رتھ فاؤ جون خدمتون ياد ڪندي وڏي وزير چيو ته هن 1962ع ۾ ميري ايڊيليڊ ليپروسي سينٽر (MALC) قائم ڪيو ۽ ڪوڙهه خلاف هن جون خدمتون انتهائي قابلِ تحسين آهن. وڏي وزير انهن سڀني ماڻهن کي جيڪي انسانيت جي خدمت جو جذبو رکن ٿا، دعوت ڏني ته هو حڪومت سان گڏجي ڪم ڪن. هن سنڌ حڪومت پاران MALC مرڪزن کي مڪمل تعاون جي ضمانت پڻ ڏني. ايندڙ بجيٽ؛ هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته صوبائي بجٽ 13 جون 2025 تي پيش ڪيو ويندو، هن ڀيري بجيٽ ۾ زراعت تي خاص توجه ڏني ويندي. ڪي اليڪٽرڪ بورڊ ۾ نمائندگي؛ وڏي وزير زور ڏنو ته ڪي اليڪٽرڪ ۽ ٻين بجلي ورهائڻ وارن ادارن جي انتظامي بورڊن ۾ صوبي جي نمائندگي ضرور هجڻ گهرجي. هن چيو ته اهو ان لاءِ اهم آهي ته صوبي جي صارفين کي سڌو فائدو پهچي. وڌيڪ چيو ته جيتوڻيڪ آئيني طور تي بجلي ورهائڻ صوبي جي ذميواري آهي پر ان کي هميشه وفاقي حڪومت هلائيندي رهي آهي. حيسڪو ۽ سيپڪو جا منصوبا؛ مراد علي شاهه ٻڌايو ته سنڌ حڪومت حيسڪو (حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني) ۽ سيپڪو (سکر اليڪٽرڪ پاور ڪمپني) کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تحت هلائڻ چاهي ٿي. هن ڪارڪردگي جي اهميت کي تسليم ڪندي چيو ته اسان ڄاڻون ٿا ته اهڙيون خدمتون مؤثر انداز ۾ هلائڻ لاءِ فني طور ماهر ادارن جي ضرورت هوندي آهي. هن تصديق ڪئي ته ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت سان ڳالهيون جاري آهن ۽ چيو ته جيتوڻيڪ اسان جو ڪم جاري آهي پر نتيجن ۾ وقت لڳندو. وڏي وزير بجلي ورهائڻ وارن ادارن جي خراب فيصلن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ خبردار ڪيو ته اهڙن فيصلن سبب امن ۽ امان جي صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي جنهن جي ذميواري صوبائي حڪومت تي وجهي ويندي آهي.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ
❤️
👍
💉
5