Sindh CM House

Sindh CM House

109.7K subscribers

Verified Channel
Sindh CM House
Sindh CM House
June 6, 2025 at 10:38 AM
*وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران مسلم امت کي عيد الاضحيٰ جون واڌايون* *عوام کي پنهنجي ڪردار ذريعي قرباني جي حقيقي جذبي کي اجاگر ڪرڻ گهرجي، وڏو وزير* *سنڌ جو سماج سدائين انسانيت، قرباني ۽ اتحاد جي علامت رهيو آهي، سيد مراد علي شاهه* *فلسطين ۽ ڪشمير جا مظلوم مسلمان اسان جي همدردي جا مستحق آهن، وڏو وزير مراد علي شاهه* *پاڪ سرزمين تي سنڌ ۽ پاڪستان جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وڃي، وڏي وزير جي حاجين کي اپيل* ڪراچي (6 جون 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه امتِ مسلمه کي عيدالاضحىٰ ۽ حج جي سعادت حاصل ڪرڻ تي دل جي گهرائين سان واڌايون ڏنيون آهن. سندس پُرخلوص پيغام ۾ وڏي وزير چيو آهي ته سنتِ ابراهيمي اسان کي نه رڳو قرباني ۽ ايثار پر مصيبتن ۾ ثابت قدم رهڻ جو درس به ڏئي ٿي، جيڪو اسلامي تعليمات جو جوهر آهي. هن چيو ته سنڌ سدائينرواداري، همدردي ۽ اجتماعي ڀلائيءَ جي علامت رهي آهي. ھن چيو تھ عوام قرباني جي اصل روح کي پنهنجي عمل ۽ رويي ذريعي اجاگر ڪري. وڏي وزير زور ڏنو ته رسمِ ابراهيمي کي زنده رکڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان کي روحاني اخلاص، سماجي ڀائيچاري ۽ قوم جي ترقي ۽ بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي. سيد مراد علي شاهه حاجين کي اپيل ڪئي ته هو پاڪ سرزمين تي سندن عبادتن دوران سنڌ ۽ پاڪستان جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعائون ڪن. هن وڌيڪ چيو ته فلسطين ۽ ڪشمير جا مظلوم مسلمان اسان جي همدرديءَ جا مستحق آهن ۽ انھن کي پڻ سندن دعائن ۾ ياد رکيو وڃي. وڏي وزير سنڌ جي عوام کي مخاطب ٿيندي چيو ته عيد جون خوشيون تڏهن ئي مڪمل ٿينديون، جڏهن اسان پنهنجي ڀرپاسي جي غريب، مسڪين، يتيم ۽ مستحق ماڻهن کي به انهن خوشين ۾ شامل ڪنداسين. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جو سماج سدائين انسان دوستي، قرباني ۽ اتحاد جو علمبردار رهيو آهي ۽ اسان کي حضرت شاھھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو پيغام ”سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سـُڪار، دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين“ عام ڪرڻ جي ضرورت آھي تھ جيئن پنھنجي ملڪ جي امن، ترقيءَ ۽ خوشحالي سميت اسان کي سڄي دنيا جي انسانن جي ڀلائيءَ لاءِ پڻ ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. عبدالرشيد چنا ترجمان وزيراعليٰ سنڌ #sindhcmhouse #eidmubarak #cmmuradalishah #sindh #shahlatifbhittai #peace #kashmir #palestine #pakistan
❤️ 👍 🌹 10

Comments