
Sindh CM House
June 9, 2025 at 10:09 AM
*سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران سفارتڪارن، وزيرن ۽ سماجي جي اڳواڻن جي مان ۾ عيد ملن تقريب*
ڪراچي (9 جون 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عيد الاضحيٰ جي خوشين کي ملهائڻ لاءِ وزيراعليٰ هائوس ۾ شاندار عيد ملن تقريب جو اهتمام ڪيو، جنهن ۾ مختلف ملڪن جا سفير، صوبائي وزير، مشير، خاص مددگار، آءِ جي پوليس، صوبائي سيڪريٽري، سينئر آفيسر، سماجي تنظيمن جا نمائندا، ڪراچي ڊويزن جا چونڊيل نمائندا ۽ پارٽي ڪارڪن شريڪ ٿيا. تقريب دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گڏيل عرب امارات، چين، جاپان، ملائيشيا، اٽلي، انڊونيشيا، قطر، برطانيا، آمريڪا، بنگلاديش، سعودي عرب، ترڪي، عمان، روس ۽ ٻين ملڪن جي قونصل جنرلز سان خصوصي ملاقات ڪئي. ڪارڊينل جوزف ڪوٽس، فادر ماريو، ۽ پارسي برادري جي اڳواڻ دينشا بهرام اواري بين المذاهب هم آهنگي کي اجاگر ڪيو. تقريب ۾ نامياري واپاري شخصيتون جهڙوڪ عقيـل ڪريم ڊيـڍي، زبير موتي والا، جاويد بلباڻي ۽ ٻين معزز مهمانن شرڪت ڪئي. مراد علي شاهه هر مهمان کي ذاتي طور عيد جون واڌايون ڏنيون ۽ ڀليڪار ڪندي مهمانن جي آڌر ڀاءُ ۾ مٺايون، ريفريشمينٽس ۽ روايتي تِڪا ڪباب پيش ڪيا ويا. وڏي وزير چيو ته عيد الاضحيٰ قرباني، صبر ۽ خلوص جو درس ڏئي ٿي. حضرت ابراهيم (ع) جي عظيم قرباني جو حوالو ڏيندي ھن چيو ته الله جي رضا لاءِ قرباني ڏيڻ ئي اصل وفاداري آهي. هن سنڌ ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت سماج جي هر شعبي جي بهتري لاءِ پرعزم آهي. هن پيپلز پارٽي ڪارڪنن کي سرمايو ۽ طاقت قرار ڏنو. تقريب جي آخر ۾ وڏو وزير سيد مراد علي شاھھ ڪارڪنن سان رلجي ويو ۽ اتحاد ۽ گڏيل مقصد جي جذبي کي هٿي ڏني.
عبدالرشيد چنا
ترجمان وزيراعليٰ سنڌ
#sindhcmhouse
❤️
👍
2