
Sindh CM House
June 9, 2025 at 10:09 AM
*سنڌ جي وڏي وزير پاران عالمي سطح تي پاڪستان جو مؤقف بهادري سان پيش ڪرڻ تي بلاول ڀٽو جي واکاڻ*
ڪراچي (9 جون 2025ع): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي عالمي ميڊيا تي پاڪستان جو مؤقف جرئت، سمجھداري ۽ اثرائتي انداز سان پيش ڪرڻ تي زبردست ساراهه پيش ڪئي آهي. سومر ڏھاڙي وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ سيد مراد علي شاهه چيو ته بلاول ڀٽو جو مدلل ۽ وطن دوست موقف نه رڳو پاڪستان جي قيادت جي وقار ۾ اضافو آندو، پر پوري قوم لاءِ فخر جو باعث بڻيو. انڊس واٽر ٽريٽي (سنڌ طاس معاهدي) بابت ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عالمي ضمير کي جاڳائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ان مسئلي کي هن دور جي اهم ترين چئلينجن مان هڪ قرار ڏنو. مراد علي شاهه چيو ته بلاول ڀٽو دنيا کي واضح ۽ بي خوف پيغام ڏنو ته پاڪستان پنھنجي پاڻيءَ جو جائز حق ڪڏهن به نھ ڇڏيندو. هن چيو ته بلاول ڀٽو جي حقيقت پسندانه ۽ منطقي سفارتي انداز مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان جي نئين نسل جي اڳواڻي دشمن جي سازشن کي ڪارائتي حڪمت عملي سان ناڪام بڻائڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي. وڏي وزير سنڌ جي عوام، پاڪستان جي نوجوانن ۽ سڀني محب وطن شھرين پاران بلاول ڀٽو زرداري کي دل جي گهراين سان ڀيٽا پيش ڪئي ۽ ھن چيو ته سندس تازي عالمي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو رڳو ڳالهيون ناھن پر پاڪستان جي عزت، پاڻيءَ جي حقن ۽ قومي پرچم جو ڀرپور دفاع آھي. سيد مراد علي شاهه بلاول ڀٽو زرداري سان مڪمل حمايت جو اظهار ڪندي چيو ته سندس اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان جو موقف عالمي سطح تي وڌيڪ طاقت ۽ اثرائتي انداز سان پيش ٿيندو، سندس اختتامي ڳالهين ۾ وڏي وزير چيو ڀٽو جو نظريو، پاڪستان جو دفاع آهي. هي بيان پاڪستان جي سياسي منظرنامي ۾ وڌندڙ اتحاد ۽ ملڪ جي مفادن جي تحفظ لاءِ مضبوط ارادي جي عڪاسي ڪري ٿو.
عبدالرشيد چنا
ترجمان وزيراعليٰ سنڌ
#sindhcmhouse
👍
❤️
3