
Salam Sindh News
June 1, 2025 at 04:34 PM
پنجاب پوليس ڊيره غازي خان ۾ خوارجي دهشتگردن خلاف وڏي ڪامياب ڪاروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا
پنجاب پوليس جي ترجمان موجب پوليس کي پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي سرحدي علائقي ڪوٽ مبارڪ ۾ خوارجي دهشتگردن جي هلچل جي اطلاع ملي
ترجمان موجب خوارجي دهشتگرد مختلف هنڌن تي شهرين ۾ خوف و هراس پکيڙي رهيا هئا
ترجمان چيو ته خوارجي دهشتگرد بھاري هٿيارن سان پوليس ٽيمز تي حملو ڪيو
پنجاب پوليس وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻايا
ترجمان موجب پوليس جي ڀرپور ڪارروائي ۾ 4 خوارجي دهشتگرد مارجي ويا
ترجمان ٻڌايو ته ٻيا دهشتگرد جهنگ ۽ ٽڪرين جي آڙ ۾ ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا
ماريل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ گولا بارود به هٿ آيو، ترجمان پنجاب پوليس