
Salam Sindh News
June 10, 2025 at 10:23 AM
حرن جـي روحاني پيشوا پير پاڳاري اڳوڻي خليفي ۽ ايم پي اي وريام فقير کي حر جماعت مان خارج ڪري ڇڏيو، درگاهه جو در به بند، پيرپاڳاري پنهنجي صحيح سان اماڻيل خط ۾ چيو ته وريام فقير، نائب خليفي سبحان هنڱورو، گلشير چاڪراڻي، علي غلام ۽ غلام مصطفيٰ کي حر جماعت مان خارج ڪيو وڃي ٿو، سندن درگاهه اچڻ تي به پابندي آهي، ذريعن موجب وريام فقير ڊاڪٽر هاشم خاصخيلي کي نئون خليفو بڻائڻ واري فيصلي تي تنقيد ڪئي هئي.
👍
1