Salam Sindh News
Salam Sindh News
June 10, 2025 at 05:42 PM
بجٽ 2025-26 ايندڙ مالي سال لاءِ وفاقي ترقياتي بجٽ جو ڪل حجم 1000 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. صوبن جي سالياني ترقياتي پروگرامن لاءِ 2869 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنز جي ترقياتي منصوبن لاءِ 682 ارب رپين کان وڌيڪ مختص ڪيا ويا آهن. حڪومت جي ملڪيت وارن ادارن لاءِ 35 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم رکي وئي آهي. اهم شعبن لاءِ مختص رقمون: نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (NHA) لاءِ 226 ارب 98 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ. پاور ڊويزن لاءِ 90 ارب 22 ڪروڙ رپيا. آبي وسيلن جي ڊويزن لاءِ 133 ارب 42 ڪروڙ رپيا. ارڪانِ پارليامينٽ جي ترقياتي اسڪيمز لاءِ 70 ارب 38 ڪروڙ رپيا. صوبن ۽ خاص علائقن لاءِ 253 ارب 23 ڪروڙ رپيا. صوبائي نوعيت جي منصوبن تي 105 ارب 78 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ خرچ ٿيندو. ضم ٿيل ضلعن لاءِ 65 ارب 44 ڪروڙ رپيا رکڻ جي تجويز. آزاد جمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان لاءِ 82 ارب رپيا رکڻ جي تجويز. تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن لاءِ: وفاقي تعليم ۽ پروفيشنل ٽريننگ لاءِ 18 ارب 58 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ. هائر ايجوڪيشن ڪميشن (HEC) لاءِ 39 ارب 48 ڪروڙ رپين جا ترقياتي فنڊ. نيوي، آرمي، ۽ دفاعي شعبن لاءِ 11 ارب 55 ڪروڙ رپيا. ريلوي ڊويزن کي 22 ارب 41 ڪروڙ رپيا. پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڊويزن کي 21 ارب رپين کان وڌيڪ. نيشنل هيلٿ سروسز لاءِ 14 ارب 34 ڪروڙ رپيا. داخلا واري وزارت کي 12 ارب 90 ڪروڙ رپيا. اطلاعات واري وزارت کي 6 ارب رپين کان وڌيڪ. سپارڪو جي منصوبن لاءِ 5 ارب 41 ڪروڙ رپيا رکڻ جي تجويز

Comments