Salam Sindh News
Salam Sindh News
June 12, 2025 at 08:57 AM
اسلام آباد : چيئرمين سينيٽ ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي جي پگهارن ۾ وڏي واڌ جي حوالي سان هڪ نئين ڪهاڻي سامهون آئي آهي. ذريعن موجب، چيئرمين سينيٽ ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي پاڻ پنهنجي پگهار وڌائڻ جو فيصلو ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي پگهارن ۾ واڌ سينيٽ جي هائوس فنانس ڪميٽي پاران ڪئي وئي، جڏهن ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي جي پگهارن ۾ واڌ قومي اسيمبلي جي هائوس فنانس ڪميٽي پاران ڪئي وئي. ذريعن ٻڌايو ته چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني ڪجهه مهينا اڳ سينيٽ جي هائوس فنانس ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ سردار اياز صادق ڪجهه مهينا اڳ قومي اسيمبلي جي هائوس فنانس ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. ٻنهي الڳ الڳ اجلاسن ۾ 4 ماڻهن جي پگهارن ۾ واڌ جو فيصلو خاموشي سان ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت جو قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي معاملن سان ڪو به واسطو ناهي هوندو. حڪومت پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن کي بجيٽ فراهم ڪندي آهي . قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ هن بجيٽ جي استعمال ۾ آزاد هونديون آهن ، جڏهن ته وزيراعظم قانون موجب قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي معاملن ۾ مداخلت نٿو ڪري سگهي. ذريعن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم معاملي جو نوٽيس ته ورتو آهي پر وزير اعظم ان معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت نٿو ڪري سگهي. هو اخلاقي طور تي ٻنهي شخصيتن کي پيغام موڪلي سگهي ٿو يا ڪابينا کي چئي سگهي ٿو، جڏهن ته، ٻنهي ايوانن جي فنانس ڪميٽي ئي ان حوالي سان فيصلو ڪري سگهي ٿي.
😮 1

Comments