
Irfan Bughio ☑️
June 11, 2025 at 10:09 PM
ڀرياروڊ ضلعو نوشھروفيروز ۾ پيپلزپارٽي جي نااھلي ڏسو ھن غريب سان ٿيندڙ ظلم جو انصاف ڪڏھن ملندو قومي قيادتون ان مسئلي کي گھرائي سان ڏسي رھيون جيڪڏھن ھيءَ پيپلزپارٽي جيڪا روٽي ڪپڙا مڪان جو نعرو ھڻي اسان جي قوم کان روٽي ڪپڙا مڪان به کسي ڇڏيو آھي اچو ته ھاڻي ڀرياروڊ جي ڪاروباري شخصيت جي دانھن ٻڌون !
مان، حنيف دڪاندار، پنهنجي جائز مسئلي بابت ڀرياروڊ جي معزز شهرين، منڊي جي دڪاندارن، ۽ لاڳاپيل ادارن جي خدمت ۾ عرض ٿو ڪريان:
اڄ کان تقريبن اَٺ-ڏهه مهينا اڳ مون سيٺ مشتاق آرائين سان تقريبن چار لک رُپين جي ڪڻڪ جو سودو ڪيو هو. هن مونکي پنهنجي منشي جي نالي تي چيڪ فراهم ڪيا، جيڪي بعد ۾ بئنڪ مان پاس نه ٿيا.
جڏهن مون سيٺ مشتاق آرائين سان رابطو ڪيو ۽ کيس چيڪ ناڪامي بابت آگاه ڪيو ته هن نه صرف پئسا ڏيڻ کان انڪار ڪيو، پر اُلٽو مون کي ڌمڪائڻ شروع ڪيو. ان صورتحال کان پوءِ مان ڀرياروڊ منڊي جي چيئرمئن امتياز آرائين، جيڪو پاڻ به ڀرياروڊ جو چيئرمئن آهي، سميت ٻين معزز دڪاندارن سان رابطو ڪيو، پر هنن صاف لفظن ۾ چيو ته "تو ڄاڻ، مشتاق ڄاڻي" – مطلب ته هو ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهن.
پوءِ مان ڊي سي نوشهروفيروز سان رابطو ڪيو، جنهن فوري طور SHO ڀرياروڊ کي هدايت ڪئي ته منهنجو مسئلو حل ڪيو وڃي. SHO جي ڪوششن سان هڪ فيصلو ٿيو، جيڪو نديم آرائين جي اڳواڻيءَ ۾، گلاب ڪيريو، وسيم ملڪ، محمد خان ڪيريو، انور کوکر، ۽ علي حسن بروهي جي موجودگيءَ ۾ ٿيو. ان فيصلي ۾ سيٺ مشتاق آرائين ڏوهي قرار ڏنو ويو. چيئرمئن امتياز آرائين به ان فيصلي ۾ شريڪ هو ۽ چيو ته "منشي ڪراچي ۾ آهي، واپس اچي ته 10 جنوري تي آخري فيصلو ڪنداسين."
10 جنوري تي مان چيئرمئن صاحب سان رابطو ڪيو، پر هُن ساڳي پراڻي روش اختيار ڪئي ۽ چيو ته "تو ڄاڻ، مشتاق ڄاڻي." اهڙيءَ ريت، سيٺ مشتاق آرائين کي وري به بچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
مان ٻيهر SHO ڀرياروڊ لعل خان شر سان رابطو ڪيو. هن هڪ دفعو ٻيهر نديم آرائين ۽ گلاب ڪيريو سان رابطو ڪري معلومات ورتي. ٻنهي واضح طور چيو ته اڳئين فيصلي ۾ سيٺ مشتاق آرائين کي ڏوهي قرار ڏنو ويو هو، ۽ فيصلو حنيف دڪاندار جي حق ۾ آيو هو. ان بنياد تي SHO، سيٺ مشتاق آرائين کي ٻن ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو ته پئسا ادا ڪري، ٻي صورت ۾ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
هاڻ مان ڀرياروڊ جي معزز شهرين ۽ منڊي جي سڀني دڪاندارن کان اپيل ٿو ڪريان ته منهنجي هن جائز مسئلي کي ٻن ڏينهن جي اندر حل ڪرائڻ ۾ مدد ڪن. مان هميشه توهان سڀني جو شڪرگذار رهندس.
– حنيف دڪاندار
❤️
👍
😢
7