
Irfan Bughio ☑️
June 12, 2025 at 12:03 PM
صوفي لاڪوفي پاران راشد محمود سومرو صاحب کي پيغام
اسان، صوفي لاڪوفي جي پليٽفارم تان، محترم راشد محمود سومرو صاحب کي هڪ امن، ترقي، ۽ سنڌ جي خودمختياريءَ جي پيغام سان مخاطب ڪريون ٿا.
اسان اوهان جي ان فيصلي جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا ته جيڪڏهن اوهان واقعي ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪندا، ته اسين اوهان سان گڏ آهيون.
تازو اوهان سنڌ يونيورسٽي ۾ آيا هئو، جتي اوهان کان سيڪيولرزم ۽ سوشلسٽ نظريي بابت سوال ڪيا ويا. انهن سوالن جي پويان شايد هڪ علمي بحث هو، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اوهان جي جماعت جا ڪجهه شخص، جيڪي پاڻ کي "عالمِ دين" سڏائين ٿا، انهن جو رويو ۽ زبان اخلاقي ۽ سياسي حدن کان ٻاهر آهي. اسان وٽ هر ضلعي، هر شهر ۽ هر ڳوٺ مان ان جا واضع ثبوت موجود آهن.
اسين ياد ڏياريون ٿا ته ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي دور ۾ جماعت اندر ڪارڪنن جي مالڪي ٿيندي هئي، سندن تربيت ٿيندي هئي، ۽ رياست خلاف نه، پر ظلم خلاف جدوجهد جو جذبو وڌايو ويندو هو.
انهيءَ لاءِ عرض آهي ته اوهان پهرين پنهنجي جماعت جي اندر تربيت تي ڌيان ڏيو، ته جيئن اوهان جا نمائندا سنجيده، باشعور ۽ بااخلاق سياست کي فروغ ڏئي سگهن. ان کان پوءِ جيڪڏهن اوهان سيڪيولرزم يا سوشلسٽ سوچ جي مخالفت به ڪريو، ته اها علمي ۽ دليلن تي ٻڌل هجي، نه ته گاريون ۽ الزام بازيءَ تي.
مهربانيون.
– صوفي لاڪوفي ٽيم
❤️
😂
👍
🤔
🤨
19