Sindh Government

Sindh Government

216.0K subscribers

Verified Channel
Sindh Government
Sindh Government
May 30, 2025 at 02:30 PM
ڪراچي 30 مئي 2025 عيدالاضحيٰ دوران ٽرانسپورٽ ڀاڙن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ سنڌ سرڪار اھم قدم کڻندي صوبائي ٽرانسپورٽ اٿارٽي سنڌ، ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽيز ۽ ضلعي ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽيز جي سڀني آفيسرن ۽ عملي جون موڪلون رد ڪري ڇڏيون آھن. ٽرانسپورٽ کاتي موجب، فيلڊ آفيسرن طرفان جواب نه ملڻ جي صورت ۾، عوام سڌو سنئون ڊپٽي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سان موبائل نمبر 0346-2522641 تي رابطو ڪري سگهن ٿا. ان حوالي سان هڪ بيان ۾، سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سمورا لاڳاپيل آفيسر عيد جي موڪلن دوران ڊيوٽي تي موجود هوندا ته جيئن اضافي ڀاڙن جي شڪايتن کي فوري طور تي حل ڪري سگهجي. لکين شهري عيد جي موقعي تي سفر ڪندا آهن، اهو اسان جو فرض آهي ته سندن سهولت کي اوليت ڏيون. هن چيو ته لاڳاپيل آفيسرن ۽ اهلڪارن جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن ته جيئن عوام کي ٽرانسپورٽ ڀاڙن ۾ ڪنهن به قسم جي اضافي واري ڏکيائي جو منهن نه ڏسڻو پوي، ڪنهن کي به عيد جي موقعي تي عوام جي مجبوري جو فائدو وٺڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ اضافي ڀاڙو وٺندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، عوام حڪومت جي مقرر ڪيل ڀاڙن کان وڌيڪ ڀاڙو ادا نھ ڪري ۽ اضافي ڀاڙا وٺندڙ فوري طور تي آفيسرن کي اطلاع ڏين.
👍 😂 ❤️ 🙏 😢 😮 56

Comments